پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ پاران اوگر هيڊ آفيس جو دورو

اسلام آباد-18 سيپٽمبر (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير  علي پرويز ملڪ  آئل اينڊ گئس ريگوليٽري اٿارٽي (اوگر) جي هيڊ آفيس جو دورو ڪيو جتي کيس اوگرا جي مينڊيٽ، ريگوليٽري ڪردار ۽ تازن قدمن جي سلسلي ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، پيٽروليم واري وفاقي وزير ڊجيٽائيزيشن جي خامين کي ختم ڪرڻ، شفافيت يقيني بڻائڻ ۽ موثر نگراني جي ضرورت تي زور ڀريو. پيٽروليم ڊويزن واري وزارت مان جاري بيان …

اسلام آباد-18 سيپٽمبر (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير  علي پرويز ملڪ  آئل اينڊ گئس ريگوليٽري اٿارٽي (اوگر) جي هيڊ آفيس جو دورو ڪيو جتي کيس اوگرا جي مينڊيٽ، ريگوليٽري ڪردار ۽ تازن قدمن جي سلسلي ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، پيٽروليم واري وفاقي وزير ڊجيٽائيزيشن جي خامين کي ختم ڪرڻ، شفافيت يقيني بڻائڻ ۽ موثر نگراني جي ضرورت تي زور ڀريو. پيٽروليم ڊويزن واري وزارت مان جاري بيان موجب اوگرا چيئرمين مسرور خان سينئر عملدارن سان گڏ وفاقي وزير جي آجيان ڪئي. دوري دوران وفاقي وزير کي اوگرا جي مينڊيٽ، ريگوليٽري ڪردار ۽ تازن قدمن جي سلسلي ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي جنهن ۾ اهم معاملن سميت عوامي حفاظت لاءِ هلايل حفاظتي آگاهي مهمن، ريفائنريز کي يورو –V تي آڻڻ لاءِ بران فيلڊ اپ گريڊيشن منصوبي، آءِ ايف اي ايم آڊٽ، يو ايف جي مينيجمينٽ، ايل اين جي ۽ ورچوئل پائيپ لائن جهڙن منصوبن تي اڳڀرائي، صارفين جي شڪايتن جو وقت سر حل ۽ عوام لاءِ رعايتي قدم، اوگرا هيڊ ڪوارٽر ۾ ”ون ونڊو فيسليٽيشن سينٽر قائم ڪرڻ، اي لائنسنسگ ۽ ڊجيٽلائيزيشن ذريعي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ، اسٽريٽجڪ ٻارڻ جي ذخيرن جو قيام، شعبا جاتي سڌارن ۽ علائقائي آفيسون قائم ڪرڻ بابت اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. علي پرويز ملڪ کي تيل جي سپلائي چين جي ڊجيٽلائيزيشن جي حوالي سان اڳڀرائي کان به آگاهه ڪيو ويو. هن ان قدم جي اهميت تي روشني وجهندي ڊجيٽلائيزيشن جي خامين کي ختم ڪرڻ، شفافيت کي يقيني بڻائڻ ۽ موثر نگراني جي ضرورت تي زور ڀريو. علي پرويز ملڪ اوگرا تي زور ڀريو ته هو انفورسمنٽ ميڪينزم کي مضبوط ڪري ته جيئن سمورن اسٽيڪ هولڊرز لاءِ هڪجهڙا موقعا ميسر ٿي سگهن. هن اسٽيڪ هولڊرز ۽ عوام ٻنهي کي پيٽروليم سيڪٽر ۾ ٿيل حقيقتن ۽ اڳڀرائي کان آگاهه رکڻ لاءِ هڪ مضبوط اسٽريٽجڪ ڪميونيڪيشن فريم ورڪ تيار ڪرڻ جي اهميت تي به زور ڀريو. اوگرا چيئرمين مسرور خان وفاقي وزير کي خاطري ڪرائي ته اٿارٽي اوگرا آرڊيننس موجب پنهنجا فرض بهتر طريقي سان نڀائڻ ۽ پيٽروليم شعبي ۾ استحڪام ۽ لچڪ کي يقيني بڻائڻ لاءِ وفاقي حڪومت جي پاليسي سازي ۾ هر ممڪن تعاون جاري رکندي.

مزید خبریں