تعليمي ميدان ۾ سڌارا پنجاب جي وزيراعليٰ جي ترجيح آهن: وفاقي وزير حنيف عباسي

راولپنڊي-18 سيپٽمبر (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو آهي ته تعليمي ميدان ۾ سڌارا پنجاب جي وزيراعليٰ جي ترجيح آهن، ميرٽ ۽ شفافيت جو ڪريڊٽ پنجاب جي وزيراعليٰ ڏانهن وڃي ٿو، الله جو شڪر آهي ته حرمين جي حفاظت جي ذميواري پاڪستان کي ملي وئي آهي جيڪو تمام وڏو اعزاز آهي، پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ معاهدو سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو، ملڪ …

راولپنڊي-18 سيپٽمبر (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو آهي ته تعليمي ميدان ۾ سڌارا پنجاب جي وزيراعليٰ جي ترجيح آهن، ميرٽ ۽ شفافيت جو ڪريڊٽ پنجاب جي وزيراعليٰ ڏانهن وڃي ٿو، الله جو شڪر آهي ته حرمين جي حفاظت جي ذميواري پاڪستان کي ملي وئي آهي جيڪو تمام وڏو اعزاز آهي، پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ معاهدو سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو، ملڪ جو دفاع فتح نه ٿيڻ جوڳو آهي، اسان جي فوج دشمن کي بدترين شڪست ڏني، پاڻ کان ڏهوڻ تي وڏي دشمن کي اسان شڪست ڏني، سفارتي محاذ تي ڪاميابي جو ڪريڊٽ وزيراعظم ميان محمد شهباز شريف ڏانهن وڃي ٿو. اهڙو اظهار هن بورڊ آف انٽرميڊيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن راولپنڊي جي انٽرميڊيٽ سالياني امتحان 2025ع ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ انعام ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير حنيف عباسي چيو ته سمورن ڪامياب ۽ پوزيشن هولڊرز شاگردن ۽ شاگردياڻين ۽ سندن والدين کي مبارڪون ڏيان ٿو، وفاقي وزير چيو ته شفافيت جي بنياد تي نتيجن جو اعلان يقيني بڻايو ويو آهي، بورڊ جي چيئرمين ۽ سندس ٽيم کي شفافيت ۽ ميرٽ جي معيار کي قائم رکڻ تي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. تقريب کي آخر ۾ پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ميڊلز ۽ انعامن سان نوازيو ويو ۽ گارڊ آف آنر به پيش ڪيو ويو.

مزید خبریں