سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ پاران سپر ٽيڪس بابت درخواستن جي ٻُڌڻي 19 سيپٽمبر تائين ملتوي

اسلام آباد-18 سيپٽمبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ سپر ٽيڪس بابت درخواستن جي ٻُڌڻي 19 سيپٽمبر جمعي جي ڏينهن تائين ملتوي ڪري ڇڏي. آئيني بينچ ۾ ٻُڌڻيءَ هيٺ سپر ٽيڪس سان لاڳاپيل ڪيس ۾ ڪالهه ٽيڪس پيئرز جي وڪيل خالد جاويد دليلن جي شروعات ڪئي. سپريم ڪورٽ جي جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ 5 رڪني آئيني بينچ سپر ٽيڪس بابت ڪيس جي ٻُڌڻي ڪئي. ٻُڌڻيءَ …

اسلام آباد-18 سيپٽمبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ سپر ٽيڪس بابت درخواستن جي ٻُڌڻي 19 سيپٽمبر جمعي جي ڏينهن تائين ملتوي ڪري ڇڏي. آئيني بينچ ۾ ٻُڌڻيءَ هيٺ سپر ٽيڪس سان لاڳاپيل ڪيس ۾ ڪالهه ٽيڪس پيئرز جي وڪيل خالد جاويد دليلن جي شروعات ڪئي. سپريم ڪورٽ جي جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ 5 رڪني آئيني بينچ سپر ٽيڪس بابت ڪيس جي ٻُڌڻي ڪئي. ٻُڌڻيءَ دوران ٽيڪس پيئرز جي وڪيل خالد جاويد پنهنجي دليلن ۾ مؤقف اختيار ڪيو ته پاليسي ميڪنگ ۽ ٽيڪس ڪليڪٽر ٻه ڌار شيون آهن. ٽيڪس ڪليڪٽر ايف بي آر ۾ هوندو آهي جيڪو ٽيڪس گڏ ڪندو آهي، پاليسي ميڪنگ پارليامينٽ جو ڪم آهي، جيڪڏهن مان پاليسي ميڪر آهيان ته مان ماهرن کان پُڇندس ته ڇا عوام کي ان جو فائدو آهي يا نقصان. جسٽس حسن اظهر رضوي ريمارڪس ڏنا ته پارليامينٽرين عوام جي ووٽ سان ايندا آهن، کين خبر هئڻ گهرجي ته عوام جا مسئلا ڇا آهن. وڪيل مؤقف اختيار ڪيو ته قومي اسيمبليءَ ۾ اڄ تائين ڪنهن ٽيڪس ايڪسپرٽ کي گُهرائي ٽيڪس جي نفعي ۽ نقصان تي بحث نه ٿيو. ناڻي واري وزير چيو ته هو سپر ٽيڪس جو حامي آهي، قومي اسيمبليءَ ۾ اهڙو بحث نٿو ٿي سگهي جيڪو هڪ ڪميٽيءَ ۾ ٿئي ٿو. جسٽس حسن اظهر رضوي ريمارڪس ڏنا ته اهوئي سوال اسان ايف بي آر جي وڪيلن کان پُڇيو هو، ايف بي آر جي وڪيلن جواب ڏنو هو ته مختلف چيمبرز آف ڪامرس مان ماهرن کي گُهرايو وڃي ٿو، ايڊيشنل اٽارني جنرل ٻُڌايو ته مختلف ڪميٽيون آهن پر ڪميٽين جي ڪم جو ڇا نتيجو هوندو آهي، اهو اڄ تائين نه ٻُڌايو ويو. جسٽس محمدعلي مظهر ريمارڪس ڏنا ته اصول ته اهو آهي ته ٽيڪس لاڳو ڪرڻ کان اڳ ماهرن کان راءِ وٺڻ گهرجي. جسٽس امين الدين چيو ته هي ڳالهه به سامهون اچڻ گهرجي ته جيڪڏهن 10 سيڪڙو ٽيڪس لڳي رهيو آهي ته ڪيترا ماڻهو متاثر ٿيندا. بعد ۾ عدالت ڪيس جي ٻُڌڻي  19 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

مزید خبریں