راولپنڊي-18 سيپٽمبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي ضلعي خضدار ۾ ڀارتي حمايت يافته فتنه الهندستان جي 4 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. آءِ ايس پي آر مان جاري بيان موجب سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي ضلعي خضدار ۾ ڀارتي حمايت يافته فتنه الهندستان جي دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي هڪ انٽيلي جنس بيسڊ آپريشن ڪيو. آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ٺڪاڻن تي حملو ڪيو ۽ شديد فائرنگ جي …
سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي ضلعي خضدار ۾ ڀارتي حمايت يافته فتنه الهندستان جي 4 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو: آءِ ايس پي آر

مزید خبریں
راولپنڊي-18 سيپٽمبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي ضلعي خضدار ۾ ڀارتي حمايت يافته فتنه الهندستان جي 4 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. آءِ ايس پي آر مان جاري بيان موجب سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي ضلعي خضدار ۾ ڀارتي حمايت يافته فتنه الهندستان جي دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي هڪ انٽيلي جنس بيسڊ آپريشن ڪيو. آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ٺڪاڻن تي حملو ڪيو ۽ شديد فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ 4 ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن کي ماريو ويو. مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ ڌماڪيدار مواد به هٿ آيو. هي دهشتگرد علائقي ۾ ڪيترن ئي دهشتگرداڻين ڪاررواين ۾ ملوث هئا. ڪنهن به دهشتگرد جي موجودگي کان علائقي کي مڪمل طور تي پاڪ ڪرڻ لاءِ سينيٽائيزيشن آپريشن جاري آهي. پاڪستان جون سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان ڀارت جي سرپرستي ۾ دهشتگردي جي خاتمي ۽ دهشتگردي ۾ ملوث ماڻهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ پرعزم آهن.











