اسلام آباد-18 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ مسلسل چوٿين ڏينهن به تيزي جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس هڪ لک 57 هزار پوائنٽس جي نفسياتي حد کي ڪاميابي سان پار ڪري ورتو. ڪاروبار جي شروعات تي تيزي جو رجحان رهيو ۽ ڏينهن جو 11 وڳي تائين ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 1277.25 پوائنٽ اضافي کانپوءِ 157455.06 پوائنٽس تائين پهچي ويو جيڪو نئون رڪارڊ آهي. …
پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي جو رجحان، ڪي ايس اي 100 انڊيڪس هڪ لک 57 هزار پوائنٽس جي نفسياتي حد کي ڪاميابي سان پار ڪري ورتو

مزید خبریں
اسلام آباد-18 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ مسلسل چوٿين ڏينهن به تيزي جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس هڪ لک 57 هزار پوائنٽس جي نفسياتي حد کي ڪاميابي سان پار ڪري ورتو. ڪاروبار جي شروعات تي تيزي جو رجحان رهيو ۽ ڏينهن جو 11 وڳي تائين ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 1277.25 پوائنٽ اضافي کانپوءِ 157455.06 پوائنٽس تائين پهچي ويو جيڪو نئون رڪارڊ آهي. مجموعي طور تي 947315480 شيئرز جي ڏي وٺ ٿي جن جي ماليت 28.91 ارب روپيا هئي. ڪي ايس اي 30 انڊيڪس 399.60 پوائنٽ اضافي کانپوءِ 48018.06 پوائنٽس ۽ اسلامي ماليات رکندڙ ڪي ايم آءِ 30 انڊيڪس 2211.34 پوائنٽ اضافي کانپوءِ 231893.56 پوائنٽس تي پهچي ويو. فيوچر ٽريڊنگ تحت 6.36 ارب روپين جا سودا طئي ٿيا. فوجي فوڊز، بئنڪ آف پنجاب ۽ ڪوه نور اسپننگ ملز سرفهرست ايڊوانسر ڪمپنيون رهيون.











