اسلام آباد – 18 سيپٽمبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني روسي پارليامينٽ جي اسپيڪر مس والينٽينا ميٽويينڪو سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ کيس عالمي اسپيڪرز ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وقتي صدر روس ۽ پاڪستان جي پارلياماني لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ روسي اسپيڪر جي قيادت کي ساراهيو. هن چيو ته آءِ ايس سي جو مقصد …
وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني جو روسي پارليامينٽ جي اسپيڪر سان ٽيليفونڪ رابطو، عالمي اسپيڪرز ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت

مزید خبریں
اسلام آباد – 18 سيپٽمبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني روسي پارليامينٽ جي اسپيڪر مس والينٽينا ميٽويينڪو سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ کيس عالمي اسپيڪرز ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وقتي صدر روس ۽ پاڪستان جي پارلياماني لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ روسي اسپيڪر جي قيادت کي ساراهيو. هن چيو ته آءِ ايس سي جو مقصد پارلياماني سفارتڪاري کي فروغ ڏيڻ ۽ امن، هم آهنگي ۽ خوشحالي کي وڌائڻ آهي. سندس چوڻ هو ته روس جي شرڪت ڪانفرنس کي وڌيڪ بامعنيٰ بڻائيندي ۽ عالمي امن ۽ پائيدار ترقي جي گڏيل هدفن کي اڳتي وڌائيندي. روسي اسپيڪر يقين ڏياريو ته ڪانفرنس ۾ روس جي اعليٰ سطح جي نمائندگي هوندي.











