پاڪستاني حڪومت نوجوانن کي عالمي معيار جي مهارتن وارو بڻائڻ جي عزم تي يقين رکي ٿي: وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي

اسلام آباد-17 سيپٽمبر (اي پي پي ) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته حڪومت پاڪستاني نوجوانن کي عالمي معيار جي مهارتن وارو بڻائڻ جي عزم تي يقين رکي ٿي ته جيئن هو نه صرف ملڪي ترقيءَ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگهن پر عالمي موقعن مان فائدو کڻي سگهن. اها ڳالهه هن لينگوئجز ٽريننگ پروگرام جي ڪامياب تڪميل جي موقعي تي خيالن …

اسلام آباد-17 سيپٽمبر (اي پي پي ) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته حڪومت پاڪستاني نوجوانن کي عالمي معيار جي مهارتن وارو بڻائڻ جي عزم تي يقين رکي ٿي ته جيئن هو نه صرف ملڪي ترقيءَ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگهن پر عالمي موقعن مان فائدو کڻي سگهن. اها ڳالهه هن لينگوئجز ٽريننگ پروگرام جي ڪامياب تڪميل جي موقعي تي خيالن جو اظهار ڪندي چئي. ان پروگرام تحت اسلام آباد جي 800 کان وڌيڪ شاگردن عالمي ٻولين چيني، جرمن، عربي، جاپاني ۽ ڪوريائي ۾ مهارت حاصل ڪئي، جن مان سَوين شاگرد ڇهن مهينن جي جامع ۽ سخت تربيت مڪمل ڪئي. ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ان پروگرام کي پاڪستان جي نوجوانن سان ڪيل هڪ وعدو قرار ڏيني چيو ته اسان پنهنجي نوجوانن کي اهو سمورا موقعا فراهم ڪنداسين جيڪي کين هڪ روشن مستقبل، معياري ملازمتن ۽ عالمي سطح تي ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ گهربل آهن. هن چيو ته حڪومت جو ويزن صرف لفظن تائين محدود نه پر عملي قدمن جي صورت ۾ واضح ٿي چڪو آهي. لينگوئجز ٽريننگ پروگرام نيوٽيڪ، نمل ۽ وفاقي تعليمي نظام جي سهڪار سان ڪاميابي سان شروع ڪيو ويو ۽ هي مستقبل جي تعليمي ۽ هنرمندي جي منصوبن لاءِ هڪ مضبوط ماڊل ثابت ٿيندو. وفاقي وزير پروگرام ۾ شامل استادن، ماهرن ۽ شاگردن جي ڪاوشن کي ساراهيو ۽ چيو ته سندن محنت، لڳن ۽ ڪاميابيون ان ڳالهه جو دليل آهن ته پاڪستان جو مستقبل محفوظ هٿن ۾ آهي. هن وڌيڪ چيو ته اها ڪاميابي هڪ نئين، باصلاحيت ۽ عالمي دنيا سان جڙندڙ پاڪستان جي علامت آهي. تعليم واري وزير ان موقعي تي خاطري ڪرائي ته حڪومت تعليم، تربيت ۽ ٽيڪانلاجي جي ميدان ۾ وڌيڪ قدم کڻندي ته جيئن هر نوجوان کي پنهنجي مڪمل صلاحيت جي اظهار جو موقعو ملي.

مزید خبریں