پاڪستان، چين سان گڏ سامونڊي سهڪار کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ لاءِ پُرعزم آهي: وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري

اسلام آباد-17 سيپٽمبر (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري چيو آهي ته پاڪستان، چين سان گڏ سامونڊي سهڪار کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ لاءِ پُرعزم آهي ته جيئن گوادر کي خطي جو واپاري ۽ رابطن وارو مرڪز بڻائي سگهجي. وزارت طرفان جاري پريس رليز موجب 5 ساله بحري ايڪشن پلان 2025ع کان 2029ع جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي وفاقي وزير چيو ته هي …

اسلام آباد-17 سيپٽمبر (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري چيو آهي ته پاڪستان، چين سان گڏ سامونڊي سهڪار کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ لاءِ پُرعزم آهي ته جيئن گوادر کي خطي جو واپاري ۽ رابطن وارو مرڪز بڻائي سگهجي. وزارت طرفان جاري پريس رليز موجب 5 ساله بحري ايڪشن پلان 2025ع کان 2029ع جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي وفاقي وزير چيو ته هي فريم ورڪ سامونڊي معيشت جي ترقي، وسيلن جي جٽادار استعمال، سائنسي تحقيق ۽ ماحولياتي تحفظ تي ٻَڌل آهي جيڪو سي پيڪ تحت اڳتي وڌايو ويندو. وفاقي وزير چيو ته اهو منصوبو پاڪستان کي افغانستان، وچ ايشيا، وچ اوڀر ۽ آفريقا سان جوڙڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. هن گوادر پورٽ جي توسيع، فري زون اسٽيج ٽو جي جلد تڪميل ۽ ايسٽ بي ايڪسپري وي فيز ٽو جي فوري شروعات جهڙن منصوبن کي ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن نئين گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ کي بندرگاهه سان مربوط ڪرڻ تي پڻ زور ڀريو ته جيئن گهڻ رُخي ٽرانزٽ کي هٿي ملي سگهي. فريم ورڪ ۾ اِي ڊيٽا انٽرچينج ۽ سمارٽ پورٽ ٽيڪنالاجي لاڳو ڪرڻ جي تجويزون شامل آهن ته جيئن گوادر کي چيني ۽ عالمي شپنگ نيٽ ورڪس سان جوڙي سگهجي. ان سان گڏ ئي بندرگاهي صنعتن، گودامن ۽ ڪولڊ اسٽوريج سهولتن جي ترقي کي به منصوبي جو حصو بڻايو ويو آهي ته جيئن علائقائي واپار ۽ ٽرانس شپمينٽ ۾ سهولت پيدا ٿئي. اجلاس کي ٻُڌايو ويو ته انفراسٽرڪچر کان علاوه منصوبي ۾ سائنس، صنعت ۽ سياحت کي هٿي وٺرائڻ تي توجهه ڏني پئي وڃي جنهن ۾ گڏيل ميرين سائنس ريسرچ مرڪز، فشريز بابت سي پيڪ صنعتي پارڪس، شپ بلڊنگ ۽ آبي حيات جي واڌ ويجهه شامل آهي. بلوچستان جي سامونڊي پٽي تي ميرين ٽوئر ازم، ڪروزز ۽ واٽر اسپورٽس جا منصوبا به ان فريم ورڪ جو حصو آهن. تعليم ۽ پائيداري کي به پهرين ترجيح ڏني وئي آهي، جنهن تحت پاڪستاني ۽ چيني يونيورسٽين ۽ ادارن وچ ۾ اڪيڊمڪ پارٽنرشپ ۽ تربيتي مٽاسٽا ذريعي لاجسٽڪس، پورٽ آپريشنز ۽ فشريز جي ماهر افرادي سگهه تيار ڪئي ويندي. منصوبو بيلٽ اينڊ روڊ انيشيئٽو جي گرين انرجي ۽ اوشن هدفن سان هم آهنگ آهي ته جيئن ترقي ۽ـ ماحول جي تحفظ ۾ توازن قائم رکي سگهجي. جنيد انوار چوڌري چيو ته 2025ع کان 2029ع جو ايڪشن پلان پاڪستان جي ان عزم جو اظهار آهي ته هو هڪ مضبوط سامونڊي معيشت قائم ڪري، چين سان ناتا وڌيڪ گهرا بڻائي ۽ سي پيڪ جي فريم ورڪ تحت گڏيل خوشحاليءَ کي اڳتي وڌائي.

مزید خبریں