اسلام آباد-17 سيپٽمبر (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته تڪرارن جي متبادل حل لاءِ (اي ڊي آر) پاڪستان جي انصاف واري نظام ۾ التوا ۾ پيل ڪيسن جي بحران جو سڀ کان اثرائتو حل آهي. هن اها ڳالهه اي ڊي آر بابت تربيت جي ٻئي ڏينهن شرڪت ڪندڙن کي خطاب ۾ چئي. هن حڪومت جي تڪرارن جي حل بابت انصاف …
تڪرارن جي متبادل حل لاءِ (اي ڊي آر) پاڪستان جي انصاف واري نظام ۾ التوا ۾ پيل ڪيسن جي بحران جو سڀ کان اثرائتو حل آهي: وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ

مزید خبریں
اسلام آباد-17 سيپٽمبر (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته تڪرارن جي متبادل حل لاءِ (اي ڊي آر) پاڪستان جي انصاف واري نظام ۾ التوا ۾ پيل ڪيسن جي بحران جو سڀ کان اثرائتو حل آهي. هن اها ڳالهه اي ڊي آر بابت تربيت جي ٻئي ڏينهن شرڪت ڪندڙن کي خطاب ۾ چئي. هن حڪومت جي تڪرارن جي حل بابت انصاف جي متبادل نظام (اي ڊي آر) کي هٿي ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي علامه محمد اقبال جو هي شعر پڙهيو: جهانِ تازه ڪي افڪارِ تازه سي هي نمود ڪ سنگ وخشت سي هوتي نهين جهان پيدا، يعني نئين دنيا تازن خيالن ۽ نظرين سان اڀرندي آهي ۽ نئين دنيا رڳو سرن يا پٿرن سان ناهي ٺهندي. وفاقي وزير وضاحت ڪندي چيو ته اي ڊي آر انهي جدت جي عڪاسي ڪري ٿو، جيڪو وقت سر، موثر ۽ خوشگوار طريقيڪار فراهم ڪري ٿو ته جيئن تڪرارن کي حل ڪري سگهجي، عدالتن تي بار گهٽ ٿئي ۽ عوام جو عدالتي نظام تي اعتماد وڌيڪ مضبوط ٿئي. هن ان ڳالهه کي به اجاگر ڪيو ته تربيت ۾ زندگي جي مختلف شعبن جا ماڻهو شامل آهن، جن ۾ پارليامينٽ جا ميمبر، هاءِ ڪورٽ جا ججز، وفاقي سيڪريٽريز، مختلف وزارتن ۽ ڊويزنن جا سول ۽ فوجي آفيسر، قانوني ماهر ۽ ڪاروباري اڳواڻ شامل آهن.هن زور ڀريو ته هي جدت سموريون ڌرين طرفان مصالحت ۽ تڪرارن جي متبادل حل جي ٻين اي ڊي آر طريقيڪار اختيار ڪرڻ جو واضح خواهش جو اظهار آهن. وزير پروگرام جي قيادت ۽ عزم کي ساراهيندي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر ايميڪ عائشه رسول، رجسٽرار ايميڪ احسان الله خان ۽ ايميڪ جي ٽيم کي تربيت جي شاندار انتظام تي خراج تحسين پيش ڪيو. هن عالمي ماهرن رحيم شمجي، ساره تارڙ ۽ ڊاڪٽر خالد چوڌري جو به ٿورو مڃيو ته هنن شرڪت ڪندڙن کي عالمي معيار جي تربيت فراهم ڪئي. هن زور ڀريو ته ايميڪ سڄي ملڪ ۾ منعقد ان ۽ ٻين تربيتي پروگرامن ذريعي مصالحت لاءِ هڪ جامع نظام جوڙي رهيو آهي. هن پارليامينٽرينز، ججز ۽ عدالتي نظام جي سمورين ڌرين کي اپيل ڪئي ته هو مصالحت ۽ تڪرارن جي متبادل حل بابت ٻي طريقيڪار کي هٿي ڏيڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪن ته جيئن ڪيسن کي وڏي پئماني کي موثر انداز ۾ گهٽ ڪري سگهجي.











