اسلام آباد-17 سيپٽمبر (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته سروائيڪل ڪينسر کان بچاءُ جي قومي مهم جي شروعات هڪ تاريخي قدم آهي، هر سال پاڪستان ۾ اٽڪل 5 هزار عورتون سروائيڪل ڪينسر جو شڪار ٿي وينديون آهن. اهڙو اظهار هن سروائيڪل ڪينسر کان بچاءُ جي حوالي سان منعقد آگاهي سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته دنيا جا 150 کان وڌيڪ ملڪ …
سروائيڪل ڪينسر کان بچاءُ جي قومي مهم جي شروعات هڪ تاريخي قدم آهي: سيد مصطفيٰ ڪمال

مزید خبریں
اسلام آباد-17 سيپٽمبر (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته سروائيڪل ڪينسر کان بچاءُ جي قومي مهم جي شروعات هڪ تاريخي قدم آهي، هر سال پاڪستان ۾ اٽڪل 5 هزار عورتون سروائيڪل ڪينسر جو شڪار ٿي وينديون آهن. اهڙو اظهار هن سروائيڪل ڪينسر کان بچاءُ جي حوالي سان منعقد آگاهي سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته دنيا جا 150 کان وڌيڪ ملڪ پنهنجي قومي ويڪسينيشن پروگرامز ۾ HPV ويڪسين شامل ڪري چڪا آهن. هن چيو ته پاڪستان به پنهنجي ٻارن ۽ عورتن جي تحفظ لاءِ عملي قدم کنيو آهي، مهم جو پهريون مرحلو پنجاب، اسلام آباد، سنڌ ۽ آزاد ڄمون ڪشمير ۾ جاري آهي، جڏهن ته بلوچستان، خيبرپختونخوا ۽ گلگت بلتستان ٻي مرحلي جي شروعات لاءِ وقت گهريو آهي، عالمي سطح تي تسليم ٿيل ويڪسين آهي، ڪوڙي پروپيگنڊا تي يقين نه ڪريو، هر سال پاڪستان ۾ اٽڪل 5 هزار سروائيڪل ڪينسر جو شڪار ٿيل عورتن مان 3 هزار عورتون زندگي جي بازي هاري وينديون آهن. هن چيو ته جيڪڏهن ڪا عورت ڪوڙي پروپيگنڊا سبب ويڪسين نه لڳرائي ۽ ڪينسر ۾ مبتلا ٿي وڃي ته ان جو ذميوار ڪير هوندو؟ جيڪي ماڻهو ڪوڙي پروپيگنڊا پکيڙي رهيا آهن اهي خدا کان ڊڄن. هن چيو ته هر شيءَ کي سياست جي ور نه چاڙهيو وڃي، ڪوڙي پروپيگنڊا ڪندڙن کي دنيا ۽ آخرت ۾ ان جو حساب ڏيڻو پوندو. سروي موجب پاڪستان ۾ هڪ ڪروڙ 30 لک ماڻهو بيمارين سبب غربت جي لڪير کان هيٺ هليا ويا آهن، ڪوڙي ۽ ناڪاري پروپيگنڊا تي يقين نه ڪريو. هن چيو ته ان موقعي مان فائدو کڻو، پنهنجي نياڻين کي ان موذي مرض کان بچايو ۽ ويڪسين کي يقيني بڻايو. سيد مصطفيٰ ڪمال چيو ته صحت سياست کان مٿانهين آهي ۽ قوم جي ڌيئرن جي حفاظت اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي.











