اسلام آباد-17 سيپٽمبر (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال ترڪيه جي سفير ڊاڪٽر مهمت پاجاجي سان ملاقات ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ ڏهاڪن تي ٻڌل ڀائراڻا ۽ مضبوط لاڳاپا موجود آهن. هن ٻهي ملڪن وچ ۾ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ گڏيل تعاون ۽ ڊاڪٽرز ۽ نرسز جي گڏيل تعليمي حصيداري کي هٿي ڏيڻ تي پڻ ڳالهيون ڪيون. ملاقات ۾ صحت جي شعبي …
صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال جي ترڪيه جي سفير ڊاڪٽر مهمت پاجاجي سان ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-17 سيپٽمبر (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال ترڪيه جي سفير ڊاڪٽر مهمت پاجاجي سان ملاقات ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ ڏهاڪن تي ٻڌل ڀائراڻا ۽ مضبوط لاڳاپا موجود آهن. هن ٻهي ملڪن وچ ۾ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ گڏيل تعاون ۽ ڊاڪٽرز ۽ نرسز جي گڏيل تعليمي حصيداري کي هٿي ڏيڻ تي پڻ ڳالهيون ڪيون. ملاقات ۾ صحت جي شعبي ۾ تعاون سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪستان ۾ هيلٿ ٽوئرازم کي هٿي ڏيڻ، مقامي سطح تي ويڪسين جي تياري جي قدمن تي زور ڀريو ويو. ٻنهي ڌرين صحت جي نظام کي وڌيڪ موثر ۽ جديد بڻائڻ، ٽيڪنالاجي آف ٽرانسفر تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي چيو ته ٻنهي ملڪن جا صحت جا شعبا هڪٻئي جي تجربن مان ڀرپور فائدو کڻي سگهن ٿا. صحت واري وزير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ويزن موجب صحت جي شعبي ۾ جامع سڌارن جو عمل جاري آهي. ترڪيه جي سفير به پاڪستان ۾ صحت جي شعبي ۾ جاري سڌارن کي ساراهيو.











