اسلام آباد-17 سيپٽمبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان پنهنجي تازي ايران جي دوري دوران گذريل ڏينهن ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار کي هٿي ڏيڻ لاءِ 17 معاهدن ۽ پروٽوڪولز تي صحيحيون ڪيون، معاهدا ۽ پرٽوڪولز پاڪستان ۽ ايران گڏيل اقتصادي ڪميشن جي 22 هين اجلاس جي موقعي تي ڪيا. اجلاس جي گڏيل صدارت واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ ايران جي رستن ۽ …
پاڪستان ايران گڏيل اقتصادي ڪميشن جو 22 هون اجلاس ڪاميابي سان مڪمل

مزید خبریں
اسلام آباد-17 سيپٽمبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان پنهنجي تازي ايران جي دوري دوران گذريل ڏينهن ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار کي هٿي ڏيڻ لاءِ 17 معاهدن ۽ پروٽوڪولز تي صحيحيون ڪيون، معاهدا ۽ پرٽوڪولز پاڪستان ۽ ايران گڏيل اقتصادي ڪميشن جي 22 هين اجلاس جي موقعي تي ڪيا. اجلاس جي گڏيل صدارت واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ ايران جي رستن ۽ شهري ترقي واري وزير فرزانه صادق ڪئي. گڏيل اقتصادي ڪميشن جي اجلاس ۾ ٻنهي ملڪن 17 معاهدن ۽ پروٽوڪولز تي صحيحيون ڪيون جن ۾ فعال سرحدي مارڪيٽون قائم ڪرڻ، صحت، ثقافت ۽ ويزه ۾ آساني، ٽيرف، رستن ۽ ريلوي رابطن سميت ميڊيا تعاون کي هٿي ڏيڻ لاءِ پروٽوڪولز تي صحيحيون ڪيون ويون. ان کانسواءِ حيواني ۽ نباتاتي جيتن جي خاتمي تي گڏيل تعاون، معدنيات، توانائي جي پهچ ۽ ميري ٽائيم سروسز ۾ تعاون جي معاهدن تي به صحيحون ڪيون ويون. گڏيل اقتصادي ڪميشن ۽ پاڪستان ايران بزنس فورم ۾ ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري برادري جي ڀرپور شرڪت کي وفاقي وزير ساراهيو. ڄام ڪمال ايندڙ گڏيل اقتصادي ڪميشن جو اجلاس اسلام آباد ۾ منعقد ڪرڻ جي دعوت به ڏني. وفاقي وزير پاڪ ايران اقتصادي تعاون کي سٺو سنئوڻ قرار ڏنو. اجلاس ۾ وزيرن ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ جي عزم جو اظهار به ڪيو. وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو ته پاڪ ايران معاهدا خطي ۾ اقتصادي ۽ واپاري سرگرمين کي هٿي ڏيندا ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام جي زندگي جي معيار ۾ بهتري ايندي. هن چيو ته ايران سان اسان جا پراڻا لاڳاپا آهن ۽ وقت گذرڻ سان گڏوگڏ وڌيڪ مستحڪم ٿي رهيا آهن.











