گهرو وزير محسن نقوي پاران تبت ۾ فرنٽيئر ڪور سائوٿ جي هيڊڪوارٽر ۾ شهيد ڪيپٽن وقار احمد ۽ 4 جوانن جي جنازي نماز ۾ شرڪت

اسلام آباد -17 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو وزير محسن نقوي پاران تبت ۾ فرنٽيئر ڪور سائوٿ جي هيڊڪوارٽر ۾ آءِ جي ايف سي سائوٿ ميجر جنرل بلال سرفراز خان سان گڏ شهيد ڪيپٽن وقار احمد ۽  ٻين 4 جوانن جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي.  گهرو وزارت جي ترجمان مطابق وفاقي وزير  شهادت جو رتبو حاصل ڪندڙ ڪيپٽن وقار، نائڪ عصمت الله، لانس نائيڪ جنيد احمد و خان محمد …

اسلام آباد -17 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو وزير محسن نقوي پاران تبت ۾ فرنٽيئر ڪور سائوٿ جي هيڊڪوارٽر ۾ آءِ جي ايف سي سائوٿ ميجر جنرل بلال سرفراز خان سان گڏ شهيد ڪيپٽن وقار احمد ۽  ٻين 4 جوانن جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي.  گهرو وزارت جي ترجمان مطابق وفاقي وزير  شهادت جو رتبو حاصل ڪندڙ ڪيپٽن وقار، نائڪ عصمت الله، لانس نائيڪ جنيد احمد و خان محمد ۽ سپاهي محمد ظهور کي خراج عقيدت پيش ڪيو. گهرو وزير محسن نقوي ۽ آءِ جي ايف سي سائوٿ ميجر جنرل بلال سرفراز  شهيدن جي بلند درجن لاءِ دعا ڪئي. ٻنهي عهديدارن شهيدن جي جسد خاڪي کي ڪلهو پڻ ڏنو. گهرو وزير محسن نقوي چيو ته ڪيپٽن وقار احمد ۽ جوانن پنهنجي فرضن جي ادائگي دوران جان نذرانو پيش ڪري اعليٰ مثال قائم ڪيو، قوم شهيدن جي لازوال قربانين جو قرض ڪڏهن به نٿي  لاهي سگهي. شهيدن جون عظيم قربانيون ضايع نه وينديون. محسن نقوي چيو ته شهيدن ۽ انهن جي عظيم ڪٽنبن کي سلام پيش ڪيون ٿا. شهيدن جا ڪٽنب اسان جا ڪٽنب آهن. ميجر جنرل سرفراز چيو ته سيڪيورٽي فورسز جون قربانيون دهشتگردن خلاف اسان جي پختي عزم جو ثبوت آهن. جنازي نماز ۾ اعليٰ عسڪري ۽ سول عملدارن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں