وفاقي گهرو وزير پاران فتنه الخوارج جي دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائڻ تي پوليس کي خراج تحسين پيش

اسلام اباد -17 سيپٽمبر (اي پي پي ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي بنون ۾ ميريان ٿاڻي ۽ پوليس چيڪ پوسٽ مزانگه تي فتنه الخوارج جي دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائڻ تي پوليس کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. جاري ڪيل بيان ۾ گهرو وزير محسن نقوي 3 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي ڪي پي ڪي پوليس جي پيشيواراڻين صلاحيتن جي واکاڻ ڪئي. هن چيو ته پوليس وقت تي …

اسلام اباد -17 سيپٽمبر (اي پي پي ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي بنون ۾ ميريان ٿاڻي ۽ پوليس چيڪ پوسٽ مزانگه تي فتنه الخوارج جي دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائڻ تي پوليس کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. جاري ڪيل بيان ۾ گهرو وزير محسن نقوي 3 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي ڪي پي ڪي پوليس جي پيشيواراڻين صلاحيتن جي واکاڻ ڪئي. هن چيو ته پوليس وقت تي ڪارروائي ڪندي دهشتگردن جي حملن کي ناڪام بڻايو.محسن نقوي چيو ته پوليس بهادري سان دهشتگردن  جو حملو ناڪام بڻايو. ڪي پي ڪي پوليس هميشه شجاعت جون داستانون رقم ڪيون آهن.

مزید خبریں