مدينه منوره -17 سيپٽمبر (اي پي پي ) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي خانگي دوري تي عمري جي ادائگي لاءِ سعودي عرب پهچي ويو آهي. گورنر آفيس مان جاري ڪيل بيان موجب مدينه ايئرپورٽ تي سعودي رائل پروٽوڪول محمد ابراهيم حربي سندس آجيان ڪئي. هن مسجد نبوي جي امام سان گڏ مسجد نبوي ۾ نفل ادا ڪيا، سلام پيش ڪيو ۽ ملڪ جي ترقي ۽ استحڪام، خاص طور …
فيصل ڪريم ڪنڊي خانگي دوري تي عمري جي ادائيگي لاءِ سعودي عرب پهچي ويو

مزید خبریں
مدينه منوره -17 سيپٽمبر (اي پي پي ) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي خانگي دوري تي عمري جي ادائگي لاءِ سعودي عرب پهچي ويو آهي. گورنر آفيس مان جاري ڪيل بيان موجب مدينه ايئرپورٽ تي سعودي رائل پروٽوڪول محمد ابراهيم حربي سندس آجيان ڪئي. هن مسجد نبوي جي امام سان گڏ مسجد نبوي ۾ نفل ادا ڪيا، سلام پيش ڪيو ۽ ملڪ جي ترقي ۽ استحڪام، خاص طور تي ٻوڏ متاثرن ۽ ملڪ ۾ امن جي قيام لاءِ خاص دعائون ڪيون. گورنر سڀاڻي مڪي پاڪ روانو ٿيندو ۽ عمري جي ادائگي سميت ڪيترين ئي اهم شخصيتن سان ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ سعودي اين جي اوز جي اڳواڻن سان پڻ ملاقاتون ڪندو.











