اسلام آباد- 17 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان جي دعوت تي سعودي عرب جي گادي واري شهر رياض لاءِ روانو ٿي ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب سرڪاري دوري دوران نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، دفاع وارو وزير خواجه محمد آصف، ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب، اطلاعات ۽ نشريات …
وزيراعظم سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان جي دعوت تي رياض روانو

مزید خبریں
اسلام آباد- 17 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان جي دعوت تي سعودي عرب جي گادي واري شهر رياض لاءِ روانو ٿي ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب سرڪاري دوري دوران نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، دفاع وارو وزير خواجه محمد آصف، ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب، اطلاعات ۽ نشريات وارو وزير عطاءُ الله تارڙ، ماحوليات وارو وزير مصدق ملڪ ۽ خاص مددگار طارق فاطمي پُڻ وزيراعظم سان گڏ آهن. وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان ملاقات ڪندو جنهن ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ لاڳاپن جي سڀني رُخن جو تفصيلي جائزو ورتو ويندو. ٻئي اڳواڻ علائقائي ۽ عالمي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪندا.











