وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان جي دعوت تي سعودي عرب جو سرڪاري دورو ڪندو: پرڏيهي آفيس

اسلام آباد- 17 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اربع ڏينهن سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان جي دعوت تي سعودي عرب جو سرڪاري دورو ڪندو، دوري دوران وزيراعظم سان ڪابينا جا اهم ميمبر به گڏ هُوندا. پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان ملاقات ڪندو جنهن ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ …

اسلام آباد- 17 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اربع ڏينهن سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان جي دعوت تي سعودي عرب جو سرڪاري دورو ڪندو، دوري دوران وزيراعظم سان ڪابينا جا اهم ميمبر به گڏ هُوندا. پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان ملاقات ڪندو جنهن ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ لاڳاپن جي سڀني رُخن جو تفصيلي جائزو ورتو ويندو. ٻئي اڳواڻ علائقائي ۽ عالمي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. اميد آهي ته ان دوري جي نتيجي ۾ مُختلف شعبن ۾ تعاون کي بضابطا شڪل ملندي جيڪو ٻنهي مُلڪن جي وچ ۾ پراڻن ۽ ڀائراڻن لاڳاپن جي گڏيل عزم کي ظاهر ڪري ٿو. بيان مُوجب پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ تاريخي لاڳاپا آهن، جن جُون پاڙُون گڏيل مذهبي قدرن ۽ گڏيل اعتماد تي ٻڌل آهن. وزيراعظم جو دورو ٻنهي اڳواڻن کي انهن خوبصورت لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو هڪ اهم موقعو فراهم ڪندو ۽ ٻنهي مُلڪن جي عوام جي فائدي لاءِ تعاون جُون نيُون راهُون پُڻ کلنديُون.

مزید خبریں