برطانيه پاران تعليم حاصل ڪرڻ جي خواهشمند پاڪستاني شاگردن کان درخواستُون طلب

اسلام آباد- 17 سيپٽمبر (اي پي پي) برٽش ڪائونسل پاڪستان برطانيه ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جي خواهشمند شاگردن کي صلاح ڏني آهي ته جيڪڏهن انهن تازو ئي پنهنجي تعليمي امتحان جا نتيجا حاصل ڪري ورتا آهن ۽ برطانيه ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جو ارادو رکن ٿا ته جلدي ۾ يوڪي اسٽوڊنٽ ويزا لاءِ درخواست ڏين. برٽش ڪائونسل پاڪستان پاران سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل هڪ …

اسلام آباد- 17 سيپٽمبر (اي پي پي) برٽش ڪائونسل پاڪستان برطانيه ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جي خواهشمند شاگردن کي صلاح ڏني آهي ته جيڪڏهن انهن تازو ئي پنهنجي تعليمي امتحان جا نتيجا حاصل ڪري ورتا آهن ۽ برطانيه ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جو ارادو رکن ٿا ته جلدي ۾ يوڪي اسٽوڊنٽ ويزا لاءِ درخواست ڏين. برٽش ڪائونسل پاڪستان پاران سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته برطانوي حڪومت پاران جاري ڪيل اعلان موجب شاگردن کي صلاح ڏني وئي آهي ته اهي ويزا لاءِ درخواست ڏيڻ ۾ دير نه ڪن. درخواست ڏيڻ لاءِ ضروري آهي ته توهان وٽ يونيورسٽي پاران جاري ڪيل CAS ريفرنس نمبر ۽ سڀئي ضروري دستاويز موجُود هجن. اسٽوڊنٽ ويزا لاءِ آن لائن درخواست برطانوي حڪومت جي ويب سائيٽ gov.uk/student-visa تي ڏيئي سگهجي ٿي. عملدارن جو چوڻ آهي ته وقت تي درخواست ڏيڻ سان ويزا جي عمل ۾ دير کان بچي سگهجي ٿو ۽ شاگرد پنهنجي پڙهائي وقت تي شروع ڪري سگهن ٿا.

مزید خبریں