اسلام آباد-16 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق بابت وفاقي وزير رانا تنوير حسين پاڪستان جي روانگي واپار کي جدت وارو بڻائڻ ۽ زرعي شعبي کي عالمي سطح تي وڌيڪ چٽاڀيٽي وارو بڻائڻ جي اهميت تي زور ڀريندي چيو آهي ته حڪومت ان سلسلي ۾ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي، وزيراعظم جو ملائيشيا جو دؤرو غذائي تحفظ، تحقيق ۽ جٽادار زرعي طريقن ۾ ڊگهي مُدي واري ڀائيواريءَ …
جدت ۽ ويليو ايڊيشن روانگي واپار ۾ واڌ جي ڪُنجي آهي: رانا تنوير حسين

مزید خبریں
اسلام آباد-16 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق بابت وفاقي وزير رانا تنوير حسين پاڪستان جي روانگي واپار کي جدت وارو بڻائڻ ۽ زرعي شعبي کي عالمي سطح تي وڌيڪ چٽاڀيٽي وارو بڻائڻ جي اهميت تي زور ڀريندي چيو آهي ته حڪومت ان سلسلي ۾ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي، وزيراعظم جو ملائيشيا جو دؤرو غذائي تحفظ، تحقيق ۽ جٽادار زرعي طريقن ۾ ڊگهي مُدي واري ڀائيواريءَ کي حاصل ڪرڻ جو ذريعو بڻجندو. هو وزيراعظم جي ايندڙ ملائيشيا جي دؤري جي ايجنڊا کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ جوڙيل ڪميٽيءَ جي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ لاڳاپيل وزارتن ۽ کاتن جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ٽيڪنالاجي، زراعت، غذائي تحفظ ۽ ملائيشيا سان واپاري سهڪار بابت تجويزن تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. ڪميٽيءَ پاڪستان جي روانگي واپار خاص ڪري زرعي روانگي واپار کي ملائيشيا اُماڻڻ جي امڪانن جو تفصيلي جائزو ورتو. اجلاس ۾ حلال گوشت، چانورن، فروٽ ۽ ويليو ايڊڊ زرعي شين جي ترقيءَ لاءِ هڪ جامع حڪمتِ عملي بڻائڻ تي خاص زور ڀريو ويو ته جيئن ملائيشيا جي مارڪيٽ جي ضرورتن موجب مصنوعات فراهم ڪري سگهجي. ان ڳالهه تي پڻ روشني وڌي ته پاڪستان زرعي جنسون پيدا ڪندڙ ملڪ ناتي ملائيشيا کي معياري غذائي مصنوعات فراهم ڪرڻ ۾ هڪ نمايان حيثيت رکي ٿو. وفاقي وزير پاڪستان جي روانگي واپار کي جدت وارو بڻائڻ ۽ زرعي شعبي کي عالمي سطح تي وڌيڪ چٽاڀيٽي وارو بڻائڻ جي اهميت تي زور ڀريو. اجلاس ۾ وزيراعظم جي دؤري دوران پاڪستان- ملائيشيا بزنس سمٽ جو بندوبست ڪرڻ تي به غور ڪيو ويو. هي اجلاس زرعي پيداوارن ڪندڙن، غذائي مصنوعات جي روانگي واپار ڪندڙن ۽ ٻنهي ملڪن جي سيڙپڪارن وچ ۾ بي ٽو بي ناتا قائم ڪرڻ جو هڪ پليٽ فارم فراهم ڪندو. اميد ظاهر ڪئي وئي ته اهي قدم خاص ڪري حلال فوڊ مارڪيٽ ۾ پاڪستاني آبادگارن ۽ ايگري بزنسز لاءِ نوان موقعا پيدا ڪندو. اجلاس جي پڄاڻيءَ تي وفاقي وزير ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان زرعي روانگي واپار ۾ واڌ لاءِ ڀرپور قدم کڻندو ۽ ملائيشيا جو هي دؤرو غذائي تحفظ، تحقيق ۽ جٽادار زرعي طريقن ۾ ڊگهي مُدي واري ڀائيواري کي حاصل ڪرڻ جو ذريعو بڻجندو.











