وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني سان پاڪستان سوئيٽ هوم جي پيٽرن ان چيف زمرد خان جي ملاقات

اسلام آباد – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني سان پاڪستان سوئيٽ هوم جي پيٽرن ان چيف زمرد خان ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني پاڪستان سوئيٽ هوم جي خدمتن کي ساراهيندي چيو ته ڪمزور طبقن جي لاءِ فلاحي پروگرامز جاري رکيا وڃن. زمرد خان چيو ته پاڪستان سوئيٽ هوم هڪ …

اسلام آباد – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني سان پاڪستان سوئيٽ هوم جي پيٽرن ان چيف زمرد خان ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني پاڪستان سوئيٽ هوم جي خدمتن کي ساراهيندي چيو ته ڪمزور طبقن جي لاءِ فلاحي پروگرامز جاري رکيا وڃن. زمرد خان چيو ته پاڪستان سوئيٽ هوم هڪ ٻار کان شروع ٿي ملڪ گير ادارو بڻجي چڪو آهي، پاڪستان سوئيٽ هوم يتيم ۽ لاچار ٻارن جي ڪفالت ڪري رهيو آهي. زمرد خان يوسف رضا گيلاني کي سيده فاطمه الزهره دسترخوان بابت آگاهه ڪيو، سيد فاطمه الزهره دسترخوان روزانو 7 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي مفت کاڌو فراهم ڪري ٿو. هن چيو ته ٻوڏ متاثرين کي به دسترخوان جي ذريعي مدد فراهم ڪئي پئي وڃي. ٻئي طرف اڳوڻي سينيٽ چيئرمين جان محمد جمالي، سينيٽرز زرقا سهروردي ۽ نديم افضل چن پڻ وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني سان ملاقات ڪئي. اشرف وڙائچ به ملاقات ۾ موجود هو. ان موقعي تي وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني جي ڪزن تنويرالحسن گيلاني مرحوم جي ايصال ثواب لاءِ دعا پڻ ڪئي وئي.

مزید خبریں