شنگهائي-16 سيپٽمبر (اي پي پي)پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان چين جي توانائي جي شعبي جي اهم ڪمپني وونٽائي پاور جي وفد ملاقات ڪئي. وفد ۾ وونٽائي گروپ جو باني چيئرمين نان يي، صدر زانگ ين ۽ ڊائريڪٽر زائو جيالي شامل هئا. بلاول ڀٽو زرداري ۽ وونٽائي گروپ جي وفد وچ ۾ پاڪستان ۾ توانائي جي متبادل ذريعن ۾ سيڙپڪاري تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پ …
پ پ چيئرمين سان چين جي توانائي جي شعبي جي اهم ڪمپني وونٽائي پاور جي وفد جي ملاقات

مزید خبریں
شنگهائي-16 سيپٽمبر (اي پي پي)پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان چين جي توانائي جي شعبي جي اهم ڪمپني وونٽائي پاور جي وفد ملاقات ڪئي. وفد ۾ وونٽائي گروپ جو باني چيئرمين نان يي، صدر زانگ ين ۽ ڊائريڪٽر زائو جيالي شامل هئا. بلاول ڀٽو زرداري ۽ وونٽائي گروپ جي وفد وچ ۾ پاڪستان ۾ توانائي جي متبادل ذريعن ۾ سيڙپڪاري تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پ پ جي چيئرمين وونٽائي گروپ جي وفد سولر انرجي جي شعبي ۾ وسيع امڪانن تي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته توانائي جا متبادل ذريعا اختيار ڪرڻ کانسواءِ تيز رفتار ترقي ممڪن ناهي، توانائي جي ماحول دوست ذريعن کي اختيار ڪري اسان موسمياتي تبديلين جو چڱيءَ ريت مقابلو ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته پاڪستان ۾ سنڌ حڪومت شمسي توانائي جا اهم منصوبا شروع ڪيا آهن. بلاول ڀٽو زرداري سان سنڌ حڪومت جو سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ ناصر شاهه پڻ موجود هئا.










