وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ سان سوئيڊن جي سفير جي ملاقات

اسلام آباد-16 سيپٽمبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي رابطن بابت وفاقي ڊاڪٽر ڊاڪٽر مصدق ملڪ ۽ پاڪستان ۾ سوئيڊن جي سفير اليگزينڊرا برگ وان لنڊي سان پاڪستان ۽ سوئيڊن وچ ۾ موسمياتي عمل، جٽادار ترقي ۽ سبز جدت جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جو ورجاءُ ڪندي ٻنهي ڌُرين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته عالمي موسمياتي سفارتڪاري ۾ مسلسل رابطو رکيو ويندو. اهڙو اظهار هن ملاقات دوران ڳالهيون …

اسلام آباد-16 سيپٽمبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي رابطن بابت وفاقي ڊاڪٽر ڊاڪٽر مصدق ملڪ ۽ پاڪستان ۾ سوئيڊن جي سفير اليگزينڊرا برگ وان لنڊي سان پاڪستان ۽ سوئيڊن وچ ۾ موسمياتي عمل، جٽادار ترقي ۽ سبز جدت جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جو ورجاءُ ڪندي ٻنهي ڌُرين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته عالمي موسمياتي سفارتڪاري ۾ مسلسل رابطو رکيو ويندو. اهڙو اظهار هن ملاقات دوران ڳالهيون ڪندي ڪيو. سفير اسلام آباد ۾ وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ سان ملاقات ڪئي. وزارت طرفان جاري بيان موجب ملاقات ۾ پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصان تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جنهن ۾ انساني جانين، روزگار ۽ بنيادي ڍانچي کي شديد نقصان پهتو آهي. ان موقعي تي وفاقي وزير ٻُڌايو ته ڪمزور طبقي کي وڌندڙ موسمياتي خطرن کان محفوظ بنائڻ لاءِ فوري ڪلائميٽ فنانس، ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۽ لچڪ پيدا ڪرڻ جا قدم اڻٽر آهن. ٻنهي ڌُرين ٻنهي ملڪن وچ ۾ موسمياتي عمل، جٽادار ترقي ۽ سبز جدت جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جي امڪانن تي غور ڪيو. ان موقعي تي نوجوانن جي قيادت ۾ گرين اسٽارٽ اپس کي هٿي وٺرائڻ ۽ گرين يونيورسٽي قائم ڪرڻ تي پڻ زور ڀريو ويو ته جيئن ادارو خطي ۾ موسمياتي تعليم، تحقيق ۽ جدت جو مرڪز بڻجي سگهجي. ان موقعي تي سفير، وفاقي وزير کي ايندڙ سي او پي-30 ۾ برازيل ۾ قائم سوئيڊش پويلين جي دؤري جي دعوت ڏني. ٻنهي ڌرين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته عالمي موسمياتي سفارتڪاري ۾ مسلسل رابطو رکيو ويندو ۽ گڏيل قدمن کي اڳتي وڌايو ويندو ته جيئن هڪ جٽادار ۽ لچڪدار مستقبل يقيني بڻائي سگهجي.

مزید خبریں