اسلام آباد-16 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق باباءِ جمهوريت نوابزاده نصره الله خان مرحوم جي سياسي جدوجهد ۽ خدمتن کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته هو هڪ مدبر ۽ ڏاهو سياستدان هو، هن جمهوريت جي استحڪام ۽ جمهوري قدرن کي هٿي وٺرائڻ واريون خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ هميشه آئين جي حڪمراني، پارليامينٽ جي بالادستي ۽ عوامي حقن جي تحفظ لاءِ سرگرم رهيو. …
قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر پاران باباءِ جمهوريت نوابزاده نصره الله خان مرحوم جي سياسي جدوجهد ۽ خدمتن کي خراجِ عقيدت پيش

مزید خبریں
اسلام آباد-16 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق باباءِ جمهوريت نوابزاده نصره الله خان مرحوم جي سياسي جدوجهد ۽ خدمتن کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته هو هڪ مدبر ۽ ڏاهو سياستدان هو، هن جمهوريت جي استحڪام ۽ جمهوري قدرن کي هٿي وٺرائڻ واريون خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ هميشه آئين جي حڪمراني، پارليامينٽ جي بالادستي ۽ عوامي حقن جي تحفظ لاءِ سرگرم رهيو. اهڙو اظهار هن نوابزاده نصرالله خان جي 22هين ورسي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته مرحوم جي سياسي حڪمت عملي۽ اختلافن کي اتحاد ۾ بدلائڻ جي صلاحيت اڄ به قومي سياست لاءِ هڪ روشن مثال آهي، سندس جدوجهد قومي سطح تي اتفاق راءِ جي سياست کي هٿي وٺرائي. اسپيڪر چيو ته مرحوم تحريڪ پاڪستان جو هڪ سرگرم ڪارڪن هو ۽ ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين طور ڪشمير مسئلي کي عالمي سطح تي ڀرپور انداز ۾ اجاگر ڪيو. اسپيڪر چيو ته مرحوم جي سياسي خدمتن جي اعتراف ۾ ان جي استعمال هيٺ ٽوپي ۽ حقو قومي اسيمبليءَ جي هال آف آنر ۾ يادگار طور رکيو ويو آهي. هن چيو ته مرحوم جي ديانتداري، اصول پسندي ۽ جمهوري قدرن سان وابستگي نوجوان نسل لاءِ مشعل راهه آهي. اسپيڪر چيو ته مرحوم جي جدوجهد ۽ خدمتون تاريخ ۾ هميشه ياد رکيون وينديون. هن الله تعاليٰ کان مرحوم جي مغفرت ۽ درجن جي بلندي لاءِ دُعا ڪئي.











