اسلام آباد – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف لاڳاپيل ادارن کي ٻوڏ ۽ برسات سٽيل علائقن ۾ جاني ۽ مالي نقصانن، فصلن، مواصلاتي ذريعن ۽ لائيو اسٽاڪ کي ٿيندڙ نقصانن جو جامع ۽ حقيقت پسنداڻو ڪاٿو لڳائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته مڪمل نتيجي کانپوءِ ئي حڪومت بحالي جي ڪمن جي جامع حڪمت عملي جوڙيندي، ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ موزون فصلن جي پوکيءَ جي لاءِ …
وزيراعظم پاران ٻوڏ ۽ برسات سٽيل علائقن ۾ جاني ۽ مالي نقصان جو ڪاٿو لڳائڻ جي هدايت

مزید خبریں
اسلام آباد – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف لاڳاپيل ادارن کي ٻوڏ ۽ برسات سٽيل علائقن ۾ جاني ۽ مالي نقصانن، فصلن، مواصلاتي ذريعن ۽ لائيو اسٽاڪ کي ٿيندڙ نقصانن جو جامع ۽ حقيقت پسنداڻو ڪاٿو لڳائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته مڪمل نتيجي کانپوءِ ئي حڪومت بحالي جي ڪمن جي جامع حڪمت عملي جوڙيندي، ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ موزون فصلن جي پوکيءَ جي لاءِ پڻ خصوصي قدم کنيا وڃن، سمورا وزير ۽ لاڳاپيل ادارا ٻوڏ سٽيل علائقن ۽ ماڻهن جي بحالي جي مرحلي ۾ عوام سان گڏ موجود رهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار شديد برساتن ۽ تازي ٻوڏ جي ڏس ۾ سڄي ملڪ ۾ نقصانن جي ازالي جي لاءِ منعقد جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، اقتصادي معاملن واري ڊويزن جي وفاقي وزير احد خان چيما، سمورن صوبن جي چيف سيڪريٽرين، اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ ۽ ٻين لاڳاپيل سرڪاري ادارن جي عهديدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي اين ڊي ايم اي چيئرمين سميت ٻين لاڳاپيل ادارن پاران ٻوڏ صورتحال ۾ هيستائين ڪيل تعمير ۽ بحالي جي ڪمن تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ڪمند، ڪپهه ۽ چانور جي فصلن جي نقصانن جي ڪاٿي تي ڪم جي شروعات ڪري ڇڏي آهي ۽ ايندڙ 10 کان 15 ڏينهن ۾ پاڻي جي مقدار گهٽ ٿيڻ تي ان تي ڪم مڪمل ڪيو ويندو. وزيراعظم سمورن لاڳاپيل ادارن کي ٻوڏ ۽ برسات سٽيل علائقن ۾ جاني ۽ مالي نقصانن، فصلن، مواصلاتي ذريعن ۽ لائيو اسٽاڪ ۾ ٿيندڙ نقصانن جو جامع ۽ حقيقت پسنداڻو ڪاٿو لڳائڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته مڪمل ڪاٿي کانپوءِ ئي حڪومت بحالي جي ڪمن جي جامع حڪمت عملي جوڙيندي ته جيئن موثر انداز ۾ متاثر علائقن ۽ ماڻهن جي بحالي تي ڪم ڪري سگهجي، سمورا صوبا ۽ لاڳاپيل ادارا ملڪ ۾ ٻوڏ صورتحال ۽ تازين برساتن جي ڏس ۾ نقصانن جو تفصيلي ڪاٿو لڳائين ته جيئن بحالي جي لاءِ واضح ۽ موثر حڪمت عملي اختيار ڪري سگهجي. وزيراعظم چيو ته سمورن وڏن وزيرن برساتن ۽ تازي ٻوڏ جي ڏس ۾ صورتحال کي وقت سر ۽ موثر طريقي سان حل ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کنيا جيڪي ساراهه جوڳا آهن، وفاقي ۽ بين الصوبائي ادارا نقصانن جي ڪاٿي ۾ هڪ ٻئي سان ڀرپور تعاون ڪن، برساتن ۽ تازي ٻوڏ جي نقصانن جي جائزي ۾ جاني ۽ مالي نقصان کانسواءِ فصلن جي تباهي ۽ چُوپائي مال جي نقصانن کي پڻ شمار ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته اسپارڪو کان سيٽلائيٽ اسيسمنٽ ۾ مدد ورتي وڃي، فصلن کي ٻوڏ کانپوءِ مختلف مرضن کان بچائڻ جي لاءِ فوري قدم کنيا وڃن، ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ موزون فصلن جي پوکيءَ جي لاءِ پڻ خصوصي قدم کنيا وڃن، مواصلاتي ذريعن جي بحالي ۽ متاثر رستن جي تعمير ۽ مرمت کي اولين ترجيح ڏني وڃي. وزيراعظم محمد شهباز شريف هدايت ڪئي ته سمورا وزير ۽ لاڳاپيل ادارا ٻوڏ سٽيل علائقن ۽ ماڻهن جي بحالي جي مرحلي ۾ عوام سان گڏ موجود رهن، سمورن وفاقي ۽ لاڳاپيل صوبائي ادارن کي گڏيل هم آهنگي ۽ ڀرپور تعاون سان ڪم ڪرڻ گهرجي.











