شنگهائي – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري شنگهائي ۾ چين جي ناليواري ويسٽ مئنيجمينٽ ڪمپني ايس يو ايس انوائرمنٽ ٽيڪنالاجي ڪمپني لميٽيڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ۽ شريڪ باني زو شيائوپنگ سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري، پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سينيٽر سليم مانڊوي والا، صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ سيد ناصر حسين شاهه پڻ موجود …
صدر آصف علي زرداري جي شنگهائي ايس يو ايس انوائرمنٽ ٽيڪنالاجي ڪمپني لميٽيڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ۽ شريڪ باني زو شيائوپنگ سان ملاقات

مزید خبریں
شنگهائي – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري شنگهائي ۾ چين جي ناليواري ويسٽ مئنيجمينٽ ڪمپني ايس يو ايس انوائرمنٽ ٽيڪنالاجي ڪمپني لميٽيڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ۽ شريڪ باني زو شيائوپنگ سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري، پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سينيٽر سليم مانڊوي والا، صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ سيد ناصر حسين شاهه پڻ موجود هئا. ملاقات ۾ شهري ڪچرو مئنيجمينٽ، ويسٽ ٽو انرجي منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري پاڪستان خاص طور تي سنڌ ۾ جديد ڪچرا مئنيجمينٽ نظام جي ضرورت تي زور ڏيندي تعاون جي امڪانن جي آجيان ڪئي. زو شيائوپنگ ايس يو ايس انوائرمينٽ جي جديد ڪچري ٽريٽمينٽ جي تجربن کان آگاهه ڪيو ۽ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ چين ۾ پاڪستان جو سفير پڻ شريڪ هو.










