اسلام آباد – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان آسٽريليا جي لاءِ پاڪستان جي نامزد هاءِ ڪمشنر عرفان شوڪت پنهنجون نيون ذميواريون سنڀالڻ جي لاءِ ڪينبرا روانگي کان اڳ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار عرفان شوڪت جي بطور چيف آف اسٽاف ڏيڍ سال جي مدي دوران اهم …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان آسٽريليا جي لاءِ پاڪستان جي نامزد هاءِ ڪمشنر عرفان شوڪت جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان آسٽريليا جي لاءِ پاڪستان جي نامزد هاءِ ڪمشنر عرفان شوڪت پنهنجون نيون ذميواريون سنڀالڻ جي لاءِ ڪينبرا روانگي کان اڳ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار عرفان شوڪت جي بطور چيف آف اسٽاف ڏيڍ سال جي مدي دوران اهم سفارتي ذميوارين ۽ مشڪل موقعن تي سندس پرخلوص ۽ پيشيواراڻي خدمتن کي ساراهيو. هن نامزد هاءِ ڪمشنر جي آسٽريليا ۾ ڪامياب ذميوارين جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ کيس واپار، معيشت ۽ تعليمي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ سان گڏوگڏ متحرڪ پاڪستاني ڪميونٽي سان ڀرپور رابطو قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اعتماد ظاهر ڪيو ته نامزد هاءِ ڪمشنر پنهنجي نئين منصب تي پڻ ملڪ جي بهترين خدمت ڪندو.











