اسلام آباد – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) اسپيشل جج سينٽرل همايون دلاور اي پي پي ميگا ڪرپشن ڪيس ۾ اهم فيصلو ٻڌائيندي 13 جوابدارن جي گرفتاري کان اڳ ضمانت واري درخواست خارج ڪندي جوابدارن کي فوري طور تي گرفتار ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا، ايف آءِ اي 7 جوابدارن کي عدالت جي احاطي مان گرفتار ڪري ورتو. اسپيشل جج سينٽرل همايون دلاور جي عدالت ۾ ڪيس جي نامزد …
اسپيشل جج سينٽرل همايون دلاور پاران اي پي پي ميگا ڪرپشن ڪيس ۾ 13 جوابدارن جي گرفتاري کان اڳ ضمانت واري درخواست خارج، 7 جوابدار گرفتار

مزید خبریں
اسلام آباد – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) اسپيشل جج سينٽرل همايون دلاور اي پي پي ميگا ڪرپشن ڪيس ۾ اهم فيصلو ٻڌائيندي 13 جوابدارن جي گرفتاري کان اڳ ضمانت واري درخواست خارج ڪندي جوابدارن کي فوري طور تي گرفتار ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا، ايف آءِ اي 7 جوابدارن کي عدالت جي احاطي مان گرفتار ڪري ورتو. اسپيشل جج سينٽرل همايون دلاور جي عدالت ۾ ڪيس جي نامزد جوابدارن فرقان رائو، معظم جاويد کوکر، ارشد مجيد چوڌري، محمد غواث، اظهر فاروق، اعجاز مقبول، ثاقب ڪليم، خرم شهزاد، ادريس احمد، شاهد لطيف، غلام مرتضيٰ، طاهر گهمن، ساجد علي، عمران منير ۽ عدنان اڪرم باجوه پاران گرفتاري کان اڳ ضمانت واري درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران جوابدارن جي حاضري لڳائي وئي. ايف آءِ اي عدالت کي ٻڌايو ته شفاف جاچ کانپوءِ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ سمورن جوابدارن جي خلاف ٺوس دستاويزي ثبوت موجود آهن. ايف آءِ اي موجب ڪيترن ئي جوابدارن جي اڪائونٽس ۾ غيرقانوني طور تي رقم منتقل ٿي، جن جي برآمدگي ضروري آهي. وڌيڪ ٻڌايو ويو ته جوابدارن پراويڊنٽ فنڊ ۽ سيلري اڪائونٽس مان رقم ڪڍرائي. ايف آءِ اي جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر (ليگل) خوشنود ڀٽي عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار پگهارون به وٺندا رهيا ۽ پينشن به وصول ڪندا رهيا. جوابدارن جو طريقيڪار اهو هو ته اهي پينشن شيٽ ۾ پنهنجو نالو به شامل ڪري وٺندا هئا ۽ جڏهن پينشن جاري ڪئي ويندي هُئي ته اضافي رقم پنهنجي اڪائونٽس ۾ منتقل ڪندا هئا. هن ٻڌايو ته پراويڊنٽ فنڊ ملازمن جي پگهارن مان ڪٽجي ٿو جيڪو اداري وٽ انهن جي امانت هوندو آهي، جوابدارن پراويڊنٽ فنڊ جي رقم هالي ڊي ان هوٽل ۾ موجود بئنڪ جي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪندا ۽ اتان ڪيش جي صورت ڪڍرائيندا ۽ ٻين اڪائونٽس ۾ منتقل ڪندا هئا. هن ٻڌايو ته ارشد مجيد چوڌري 2021ع کان وٺي 2024ع تائين ڊي ڊي او رهيو، ان دور ۾ هن پنهنجي اڪائونٽ ۾ 6 ڪروڙ 61 لک رپيا منتقل ڪيا جڏهن ته 18 ڪروڙ ۽ 24 ڪروڙ جا ڪيس سندس صحيحن سان بئنڪ مان ڪيش ڪرايا ويا. ايف آءِ اي عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار اظهر فاروق جيڪو ڪيشيئر هو ۽ سمورا پئسا بئنڪ ۾ وڃي پاڻ ڪڍرائڻ ۾ ملوث آهي، اظهر فاروق جي ذاتي اڪائونٽ ۾ 8 ڪروڙ رپيا منتقل ڪيا ويا. ايف آءِ اي ٻڌايو ته عدنان اڪرم باجوه جيڪو اي پي پي جو اڳوڻو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر (اي ڊي) رهيو، مالي معاملن جي ووچرز تي سندس تصديق ٿيل صحيحون موجود آهن. هن بطور اي ڊي ڪيترن ئي ووچرز ۽ چيڪس تي غيرقانوني صحيحون ڪيون آهن. هن ٻڌايو ته غواث خان به بطور اي ڊي 7 ڪروڙ رپين جو چيڪ جيڪو پگهار جي مد ۾ تيار ڪيو ويو، ان تي صحيحون ڪيون جڏهن ته اداري جي ملازمن جي ان وقت پگهار رڳو 3 ڪروڙ رپيا ٺهندي هئي، 4 ڪروڙ رپيا اضافي غيرقانوني طريقي سان منتقل ڪيا ويا. ايف آءِ اي عدالت کي ٻڌايو ته ادريس چوڌري ۽ طاهر گهمن ٻئي آڊٽ انچارج رهيا آهن، انهن جي ذميواري هئي ته هر مهيني آڊٽ رپورٽ تيار ڪن، انهن جي ئي دور ۾ هڪ جوابدار کي 90 لک رپيا پگهار ڏني وئي جنهن جي انهن ڪا آڊٽ نه ڪئي جنهن سان انهن جي بدنيتي ثابت ٿئي ٿي. ايف آءِ اي جي جاچ آفيسر محمد جنيد عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار ثاقب ڪليم جي اڪائونٽ ۾ 61 هزار رپين کان وڌيڪ رقم پينشن جي اڪائونٽ مان ٽرانسفر ڪئي وئي. ايف آءِ اي ٻڌايو ته جوابدار عمران منير پي ايف سيڪشن جو انچارج هو، هن پي ايف اڪائونٽس مان 5 ڪروڙ رپين جي رقم هالي ڊي ان بئنڪ برانچ ۾ جمع ڪرائي ۽ پوءِ اتان ٽن جدا جدا چيڪس جي ذريعي ڄاڻايل رقم ڪڍرائي. هن ٻڌايو ته اٽڪل 21 ڪروڙ رپين جا چيڪس هالي ڊي ان بئنڪ برانچ مان ڪيش ڪرايا ويا جنهن جي حوالي سان ڊپارٽمينٽل انڪوائري ڪئي وئي آهي. هن ٻڌايو ته جوابدار عمران منير 2 ڪروڙ 84 لک رپين جا ٽي چيڪس مجاز اٿارٽي جي منظوري کانسواءِ ٽرانسفر ڪيا آهن. هن ٻڌايو ته جوابدار اعجاز مقبول ٻه چيڪس ان وقت جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر (ايم ڊي) جي نالي تي وصول ڪيا جنهن تي اسان جاچ ۽ رڪارڊ مان اهو پتو لڳايو آهي ته ڪنهن به ايم ڊي نه ئي ان جي منظوري ڏني ۽ نه ئي اعجاز مقبول کي اهي چيڪس وصول ڪرڻ جو چيو. ايف آءِ اي عدالت کي ٻڌايو ته تفصيلي انڪوائري ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جنهن جا دستاويزي ثبوت موجود آهن، اسان جوابدارن جي گرفتاري چاهيون ٿا، ڪيترن ئي جوابدارن جي اڪائونٽس ۾ سڌوسنئون رقم منتقل ٿي آهي، ان جي ريڪوري جي لاءِ جوابدارن جي گرفتاري ضروري آهي تنهن ڪري ضمانت جون سموريون درخواستون خارج ڪيون وڃن. ان موقعي تي اي پي پي انتظاميا پاران خرم بيگ ايڊووڪيٽ، حسنين حيدر ٿهيم ۽ روحيل ارشاد راڻا عدالت ۾ پيش ٿيا. روحيل ارشاد راڻا چيو ته ان ڪيس جي سيڪشن 34 تحت سمورا جوابدار برابر جا شريڪ آهن، انهن جون ضمانتون خارج ڪيون وڃن. ٻڌڻي دوران فاضل جج همايون دلاور پڇاڻو ڪيو ته جوابدار فرقان رائو ڪٿي آهي جنهن تي جوابدار فرقان رائو عدالت ۾ پيش ٿيو. عدالت سوال ڪيو ته توهان جو وڪيل ڪٿي آهي جنهن تي جوابدار فرقان رائو ٻڌايو ته سندس وڪيل هاءِ ڪورٽ ۾ مصروف آهي جنهن جي ڪري هو پيش نٿو ٿي سگهي. فاضل جج ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اهو ڪو طريقيڪار نه آهي آئون توهان جي ضمانت خارج ڪري ڇڏيندس، توهان وڪيل کي گهرايو. ٻڌڻي دوران جوابدار غلام مرتضيٰ جي وڪيل ٻڌايو ته منهنجي مئوڪل جو روڊ ايڪسيڊنٽ ٿيو آهي، هي ان جي ميڊيڪل رپورٽ ۽ تصويرون آهن، ان کي حاضري کان ڇوٽ ڏني وڃي. فاضل جج ميڊيڪل رپورٽس ڏسندي چيو ته هڪ عام پلستر لڳل آهي، جوابدار کي عدالت ۾ پيش ڪريو يا آئون ان جي ضمانت خارج ڪري ڇڏيندس. غلام مرتضيٰ جي وڪيل چيو ته اسان جوابدار کي ويل چيئر تي عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيون ٿا جڏهن ته جوابدار کي عدالت ۾ پيش نه ڪيو ويو. جوابدار خرم شهزاد جي وڪيل قاضي عادل ايڊووڪيٽ عدالت ۾ ايف آءِ آر پڙهي ٻڌائي ۽ موقف اختيار ڪيو ته جوابدار ارشد مجيد جي اڪائونٽ ۾ 9 ڪروڙ رپيا، اظهر فاروق جي اڪائونٽ ۾ 8 ڪروڙ رپيا، بشارت عباسي جيڪو لاڏاڻو ڪري چڪو آهي ان جي اڪائونٽ ۾ 3 ڪروڙ رپيا، جوابدار غلام مرتضيٰ جي اڪائونٽ ۾ 75 لک رپيا منتقل ٿيا، جن جوابدارن جي اڪائونٽس ۾ رقم وئي آهي، اهي سڀ اڪائونٽس سيڪشن ۾ مقرر هئا ۽ ارشد مجيد مئنيجر اڪائونٽس هو، هن هالي ڊي ان بئنڪ برانچ مان پئسا ٽرانسفر ڪيا ۽ مجاز اٿارٽي کان منظوري وٺڻ کانسواءِ پي ايف فنڊ مان به رقم ٽرانسفر ڪئي. ٻڌڻي دوران معظم جاويد کوکر پاران هڪ جونيئر وڪيل پيش ٿيو ۽ موقف اختيار ڪيو ته منهنجو سينئر ڪنهن ٻي عدالت ۾ مصروف آهي تنهن ڪري ٻڌڻي ملتوي ڪئي وڃي جنهن تي فاضل جج ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن وڪيل پيش نه ٿيو ته آئون معظم جاويد کوکر ۽ فرقان رائو جي ضمانت خارج ڪري ڇڏيندس. عدالت ڌرين جا دليل مڪمل ٿيڻ تي جوابدارن فرقان رائو، معظم جاويد کوکر، ارشد مجيد چوڌري، محمد غواث، اظهر فاروق، خرم شهزاد، ادريس احمد، شاهد لطيف، غلام مرتضيٰ، طاهر گهمن، ساجد علي وڙائچ، عمران منير ۽ اڳوڻي اي ڊي عدنان اڪرم باجوه جون ضمانتون خارج ڪندي انهن جي گرفتاري جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ايف آءِ اي 7 جوابدارن عمران منير، اظهر فاروق، طاهر گهمن، خرم شهزاد، ادريس چوڌري، ساجد علي وڙائچ ۽ غواث خان کي عدالت جي احاطي مان گرفتار ڪري ايف آءِ اي منتقل ڪري ڇڏيو جڏهن ته جوابدارن فرقان رائو، معظم جاويد کوکر، ارشد مجيد چوڌري، شاهد لطيف ۽ عدنان اڪرم باجوه عدالتي حڪم ٻڌڻ کان اڳ ئي عدالت مان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. عدالت ٻن جوابدارن اعجاز مقبول ۽ ثاقب ڪليم جي ضمانت جي درخواست منظور ڪري ورتي. واضح رهي ته قومي خابرو اداري ”اي پي پي“ انتظاميا هڪ ارب 24 ڪروڙ رپين جو گهپلو ڪرڻ جي الزام ۾ وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) ۾ ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست داخل ڪئي هئي جنهن تي ايف آءِ اي ڪيس داخل ڪري ڪارروائي جي شروعات ڪئي هئي.











