پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان چائينا اسٽيٽ ڪنسٽرڪشن انجنيئرنگ ڪارپوريشن جي وفد جي ملاقات

شنگهائي-16 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان چين جي سڀ کان وڏي تعميراتي ڪمپني چائينا اسٽيٽ ڪنسٽرڪشن انجنيئرنگ ڪارپوريشن (سي ايس سي سي) جي وفد هتي ملاقات ڪئي. وفد ۾ سي ايس سي سي جي جنرل مئنيجر گي ليانگ، اسسٽنٽ جنرل مئنيجر هانگ شيائو ۽ سيڪريٽري وومينگ ينگ شامل هئا. بلاول ڀٽو زرداري سان بيلٽ اينڊ روڊ انفارميشن انڊسٽري يونين جي صلاحڪار سونگ …

شنگهائي-16 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان چين جي سڀ کان وڏي تعميراتي ڪمپني چائينا اسٽيٽ ڪنسٽرڪشن انجنيئرنگ ڪارپوريشن (سي ايس سي سي) جي وفد هتي ملاقات ڪئي. وفد ۾ سي ايس سي سي جي جنرل مئنيجر گي ليانگ، اسسٽنٽ جنرل مئنيجر هانگ شيائو ۽ سيڪريٽري وومينگ ينگ شامل هئا. بلاول ڀٽو زرداري سان بيلٽ اينڊ روڊ انفارميشن انڊسٽري يونين جي صلاحڪار سونگ لنگ بن، چيف ڪنسلٽنٽ بي چي ۽ ڪنسلٽنٽ بيلن پڻ ملاقات ڪئي. بلاول ڀٽو زرداري کي بيلٽ اينڊ روڊ انيشيئٽو تحت سي پيڪ سميت اهم منصوبن تي بريفنگ ڏني وئي، کيس ڊجيٽل ۽ گرين انفراسٽرڪچر جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان به بريفنگ ڏني وئي. پ پ جي چيئرمين دنيا جي اهم تعميراتي منصوبن ۾ اهم ڪردار تي چائينا اسٽيٽ ڪنسٽرڪشن انجنيئرنگ ڪارپوريشن جي قابليت کي ساراهيو. سنڌ حڪومت جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ توانائيءَ بابت وزير ناصر شاهه پڻ بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ هئا.

مزید خبریں