ماسڪو -16 سيپٽمبر (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن بابت وفاقي وزير شزا فاطمه خواجه روس جي گادي واري هنڌ ماسڪو پهچي وئي. وفاقي وزير ٻي انٽرنيشنل ٽيڪنالاجي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندي. ڪانفرنس 16 کان 18 سيپٽمبر تائين پيٽرياٽ ايڪسپو، ماسڪو ريجن ۾ منعقد ٿي رهي آهي. گذريل ڏينهن آءِ ٽي وزارت پاران جاري بيان موجب ايونٽ ۾ 30 ملڪن مان 500 اسپيڪرز ۽ 200 کان وڌيڪ ڪمپنيون …
آءِ ٽي واري وفاقي وزير شزا فاطمه خواجه انٽرنيشنل ٽيڪنالاجي ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ ماسڪو پهچي وئي

مزید خبریں
ماسڪو -16 سيپٽمبر (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن بابت وفاقي وزير شزا فاطمه خواجه روس جي گادي واري هنڌ ماسڪو پهچي وئي. وفاقي وزير ٻي انٽرنيشنل ٽيڪنالاجي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندي. ڪانفرنس 16 کان 18 سيپٽمبر تائين پيٽرياٽ ايڪسپو، ماسڪو ريجن ۾ منعقد ٿي رهي آهي. گذريل ڏينهن آءِ ٽي وزارت پاران جاري بيان موجب ايونٽ ۾ 30 ملڪن مان 500 اسپيڪرز ۽ 200 کان وڌيڪ ڪمپنيون شرڪت ڪري رهيون آهن. وفاقي وزير انٽرنيشنل پلينري سيشن (ڊجيٽل ڪمپاز آف دي ايس سي او- پارٽنر ڊائلاگ: ڪورس آن ٽرسٽيڊ ٽيڪنالاجيز) ۾ اسپيڪر طور شرڪت ڪندي. وفاقي وزير شزا فاطمه روس جي واپار ۽ سيڙپڪاري واري وزير اينٽن عليخانوف سان ملاقات به ڪندي. وفاقي وزير جي روس جي ڊجيٽل ڊولپمينٽ، ڪميونيڪيشنز اينڊ ماس ميڊيا واري وزير ماڪسوت اگوروچ شادائيف سان به ملاقات ٿيندي.











