عسڪري ميدان ۾ شڪست کانپوءِ ڀارت هاڻي راند جي ميدان ۾ ڪڌا حربا استعمال ڪري رهيو آهي: عطاءُ الله تارڙ

اسلام آباد – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته عسڪري ميدان ۾ شڪست کانپوءِ ڀارت هاڻي راند جي ميدان ۾ ڪڌا حربا استعمال ڪري رهيو آهي، اها ڀارت جي شرمندگي کان بچڻ جي ناڪام ڪوشش آهي، اسان پنهنجي عسڪري برتري ثابت ڪئي آهي ۽ ڀارت جا 6 جهاز ڪيرايا، اسان ڀارتي جارحيت جو ڀرپور جواب ڏنو جنهن کانپوءِ ڀارت …

اسلام آباد – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته عسڪري ميدان ۾ شڪست کانپوءِ ڀارت هاڻي راند جي ميدان ۾ ڪڌا حربا استعمال ڪري رهيو آهي، اها ڀارت جي شرمندگي کان بچڻ جي ناڪام ڪوشش آهي، اسان پنهنجي عسڪري برتري ثابت ڪئي آهي ۽ ڀارت جا 6 جهاز ڪيرايا، اسان ڀارتي جارحيت جو ڀرپور جواب ڏنو جنهن کانپوءِ ڀارت کي جنگبندي جي درخواست ڪرڻي پئي ۽ هاڻي هو راند جي ميدان ۾ سياست ڪري رهيو آهي، هڪ اهڙي قوم جيڪا اخلاقي طور تي ڏيوالپڻو ٿيل هجي ۽ جنهن وٽ ڪي قدر نه هجن اها سدائين اهڙي طرح جي تماشن جو سهارو وٺندي، پاڪستان پرامن گڏيل بقاءَ تي يقين رکي ٿو، پاڪستان خطي ۾ پائيدار امن جي لاءِ سدائين موثر ڪردار ادا ڪيو آهي، پاڪستان ڪشمير مسئلي جو گڏيل قومن جي قراردادن موجب حل چاهي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن انسٽيٽيوٽ آف ريجنل اسٽڊيز ۾ ڊاڪٽر رابعه اختر جي ڪتاب جي مهورتي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته بدقسمتي سان اسان جو هڪ حريف ملڪ آهي جنهن جون پاليسيون فريب ۽ دوکيبازي تي ٻڌل آهن. ”اڀرندڙ ڀارت“ جو ڪوڙو تصور ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ دبنگ بڻجڻ جو ڪردار پاڪستان چئن ڏينهن واري جنگ ۾ انتهائي موثر انداز ۾ ناڪام بڻايو. هن چيو ته پوري دنيا ڏٺو ته جڏهن هڪ جارح اشتعال انگيز ۽ بنا جواز جارحيت ڪئي ته پوري پاڪستاني قوم گڏ ٿي وئي ۽ اسان جي جواب دشمن کي نه رڳو پٺتي ٿيڻ تي مجبور ڪيو پر هن جنگبندي جي درخواست به ڪئي. هن چيو ته جڏهن به تاريخ لکي ويندي اها چئن ڏينهن واري جنگ سدائين پاڪستان جي هڪ عظيم فتح جي طور تي ياد رکي ويندي جنهن ۾ پاڪستان هڪ استحڪام بخش ڪردار ادا ڪيو ۽ هڪ اهڙي قوم جي طور تي سامهون آيو جنهن ڏکڻ ايشيا ۾ حقيقي طور تي استحڪام ۽ توازن پيدا ڪيو. هن چيو ته ڀارت خطي ۾ پنهنجي بالادستي جي ارادن جي تڪميل جي لاءِ هندوتوا نظريي کي وڌيڪ ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪئي جڏهن ته اهو خواب ان وقت چڪنا چور ٿي ويو جڏهن پوري پاڪستاني قوم متحد ٿي وئي ۽ خطي ۾ هڪ نئين ڊيٽرنس قائم ٿي. هن ڪتاب جي ليکڪ ۽ انسٽيٽيوٽ آف ريجنل اسٽڊيز پاران ان موضوع کي وقت سر اجاگر ڪرڻ تي ساراهيو. وفاقي وزير چيو ته ان چئن ڏينهن واري جنگ اسان کي اهم سبق سيکاريا. بطور تاريخ جي شاگرد ۽ سياستدان پهريون سبق اهو سکيو ته ڪو به جارح، قابض يا قانون ٽوڙيندڙ ملڪ ڪڏهن به مظلوم نٿو بڻجي سگهي، پهلگام واقعي ۽ ان جي تحت رچايل ”فالس فليگ آپريشن“ ان جو نمايان مثال آهي جڏهن ڀارت فوري طور تي الزام بازي ڪندي پاڪستان تي آڱريون کنيون. هن چيو ته سوال اهو آهي ته ڀارت پنهنجي موقف کي ڪهڙي طرح ثابت ڪري سگهي ٿو جڏهن ته دهشتگردي جو سڀ کان وڏو شڪار پاڪستان پاڻ آهي. هن چيو ته نئين دهلي جي پاليسي شديد تڪرارن جو شڪار آهي. وفاقي وزير چيو ته جڏهن ڪنهن ملڪ جي پاليسي تڪرارن، فريب ۽ دوکيبازي تي ٻڌل هجي ته اها عالمي سياست ۽ جاگرافيائي سياست ۾ ڪڏهن به ڪامياب نٿو ٿي سگهي. هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ 90 هزار جانين جي قرباني ڏني، اربين ڊالر جو معاشي نقصان برداشت ڪيو، ڪو ٻيو ملڪ اها دعويٰ نه ٿو ڪري سگهي. هن چيو ته پاڪستان پهلگام واقعي جي غيرجانبداراڻي ۽ منصفاڻي جاچ جي آڇ ڪئي جنهن سان اهو ثابت ٿيو ته اسان جا هٿ صاف آهن. هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي ۽ باقي دنيا جي وچ ۾ هڪ ڍال جو ڪردار ادا ڪري ٿو. هن چيو ته جڏهن هڪ پاڪستاني سپاهي، آفيسر يا شهري پنهنجي جان ملڪ تي قربان ڪري ٿو ته اهو نه رڳو پاڪستان پر پوري دنيا کي محفوظ بڻائڻ جو سبب بڻجي ٿو. هن چيو ته پاڪستان پاڻ دهشتگردي جو شڪار ملڪ آهي، پهلگام واقعي تي پاڪستان ڳڻتي ظاهر ڪئي پر جعفر ايڪسپريس تي حملو تاريخ جي بدترين هاءِ جيڪنگ مان هڪ هو، ڀارت ان واقعي جي مذمت يا گهٽ ۾ گهٽ ڳڻتي ظاهر ڪرڻ کان ڇو هٻڪائيندو رهيو؟ هن چيو ته ڪو به جارح يا بالادستي جا ارادا رکندڙ ملڪ ڪڏهن به مظلوم نٿو بڻجي سگهي ڇو ته حقيقتون ان جي خلاف آهن. هن چيو ته پاڪستان سدائين امن جي خواهش ڪئي آهي جڏهن ته جڏهن به پاڪستان کي آزمايو ويو ته اسان پنهنجي بهادر هٿياربند فوج جي ڪري هر ڀيري سرخرو ٿياسين. هن چيو ته هاڻي ڀارت ڪرڪيٽ جهڙي راند کي سياست جي ور چاڙهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، اهو اصل ۾ پنهنجي شرمندگي کان بچڻ جي هڪ ناڪام ڪوشش آهي. اسان پنهنجي عسڪري برتري ثابت ڪئي ۽ ڀارت جا 6 جهاز ڪيرايا. اسان جي ڀرپور جواب کانپوءِ ڀارت کي جنگبندي جي درخواست ڏيڻي پئي، هاڻي هو راند جي ميدان ۾ سياست کڻي اچي رهيو آهي، هڪ اهڙي قوم جيڪا اخلاقي طور تي ڏيوالپڻو ٿيل هجي ۽ جنهن وٽ ڪي قدر نه هجن اها سدائين اهڙي طرح جي تماشن جو سهارو وٺندي، خاص طور تي جڏهن اها عسڪري ميدان ۾ شڪست کائي چڪي هجي. هن چيو ته اهو ان ذهنيت جو اظهار آهي جيڪا سرحد جي هُن پار وڃي ٿي جتي برتري ثابت ڪرڻ جي لاءِ اهڙي قسم جي جارحيت جو سهارو ورتو وڃي ٿو. هن چيو ته پاڪستان نه رڳو موثر دفاعي صلاحيت قائم ڪيو آهي پر سدائين امن جو خواهشمند رهيو آهي ۽ پنهنجي موثر ردعمل جي ذريعي امن کي يقيني بڻايو آهي. پاڪستان مستقبل ۾ به انهي پاليسي تي عمل پيرا رهندو. وفاقي وزير چيو ته ٻه قومي نظريو جنهن کي ڀارت شروعات کان ئي تسليم نه ڪيو، اسان جي لاءِ بنيادي حيثيت رکي ٿو ڇوته پاڪستان قائم ٿيڻ جي وقت کان ئي پاڪستاني قوم پنهنجي جدا ۽ منفرد سڃاڻپ رکندڙ آهي جهڙوڪ 1947ع جي ڏس ۾ مسعود خان پڻ نشاندهي ڪئي. وفاقي وزير چيو ته اسان واديءَ سنڌ جي عظيم تهذيب جا وارث آهيون، سنڌو درياءَ ۽ ان جي مددگار ندين جا رهواسي آهيون، اها ئي اسان جي سڃاڻپ آهي جيڪا اسان کي پنهنجي پاڙيسري ملڪ کان نمايان ڪري ٿي. هن چيو ته ٻه قومي نظريو وقت گذرڻ سان گڏوگڏ پنهنجي صداقت کي وڌيڪ ثابت ڪري رهيو آهي. وفاقي وزير چيو ته ڪشمير مسئلو حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، معصوم ڪشميري عوام جي حمايت، سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي سطح تي جاري رکي ويندي جڏهن ته گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشميري عوام کي انهن جي خودمختياري جو حق ڏيارڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. هن چيو ته چئن ڏينهن واري جنگ کانپوءِ ڪشمير مسئلو هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي تڪرار جي طور تي اڳ کان وڌيڪ نمايان انداز ۾ دنيا آڏو اجاگر ٿيو آهي. هن چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ۽ موثر ڪردار ادا ڪندو رهندو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان تازن ڏينهن ۾ معيشت جي ميدان ۾ نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن جڏهن ته چئن ڏينهن واري جنگ کانپوءِ خطي ۾ پنهنجي عسڪري برتري ثابت ڪئي آهي. هن چيو ته پاڪستان وٽ دنيا کي ٻڌائڻ جي لاءِ هڪ مثبت ۽ حوصلي جوڳي ڪهاڻي موجود آهي. هن چيو ته عالمي دنيا ۾ پاڪستان ڳاٽ اونچو ڪري هلي رهيو آهي ۽ دعا آهي ته پاڪستان سدائين ترقي ڪري ۽ خوشحال رهي. اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ڊاڪٽر رابعه اختر کي ڪتاب جي ڇپائي تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته هي ڪتاب اسان جي حڪمت عملين کي جوڙڻ ۾ ڏورس اثر وجهندي. ڪيترائي پاليسي ساز ان شاهڪار مان فائدو کڻندا. هن انسٽيٽيوٽ آف ريجنل اسٽڊيز ۽ سينٽر فار سيڪيورٽي اسٽريٽجي اينڊ پاليسي کي پڻ ان اهم قدمن تي مبارڪباد پيش ڪئي.

مزید خبریں