صدر آصف علي زرداري جي شنگهائي ۾ چيري هولڊنگ ڪمپني لميٽيڊ ۽ چيري آٽوموبائل ڪمپني لميٽيڊ بورڊ جي چيئرمين سان ملاقات

شنگهائي – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري شنگهائي ۾ چيري هولڊنگ ڪمپني لميٽيڊ ۽ چيري آٽوموبائل ڪمپني لميٽيڊ بورڊ جي چيئرمين ين تونگيو سان ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري سان خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري، پاڪستان پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سينيٽر سليم مانڊوي والا پڻ پُڻ گڏ هُئا. ان موقعي تي …

شنگهائي – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري شنگهائي ۾ چيري هولڊنگ ڪمپني لميٽيڊ ۽ چيري آٽوموبائل ڪمپني لميٽيڊ بورڊ جي چيئرمين ين تونگيو سان ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري سان خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري، پاڪستان پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سينيٽر سليم مانڊوي والا پڻ پُڻ گڏ هُئا. ان موقعي تي صدر آصف علي زرداري کي چيري آٽوز جي عالمي ڪاميابين ۽ ٽيڪنالاجي تي بريفنگ ڏني وئي. صدر تفصيلي بريفنگ تي ين تونگيو جا ٿورا مڃيا ۽ چيري آٽوز جي پاڪستان ۾ وڌندڙ دلچسپي جي آجيان ڪئي. هن ڪمپني جي اليڪٽرانڪ بسن کي متعارف ڪرائڻ ۽ لوڪلائيزيشن کي اڳتي وڌائڻ جي منصوبي کي ساراهيندي چيو ته انهن قدمن سان نوجوانن جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۾ مدد ملندي. صدر آصف علي زرداري چيري هولڊنگ ڪمپني جي چيئرمين کي خاطري ڪرائي ته پاڪستان جي حڪومت اليڪٽرانڪ بسن ۽ مقامي اڏامن جي مقامي پيداوار لاءِ پاليسي معاونت فراهم ڪندي. صدر آصف علي زرداري چيري ڪمپني کي اليڪٽرڪ بسن، مني ٽرڪس ۽ گرين انرجي ۾ گڏيل منصوبن ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. هن مينوفيڪچرنگ، معدنيات ۽ توانائي ذخيرو ڪرڻ جي حل ۾ پاڪستاني ڪمپنين سان تعاون جي موقعن تي به روشني وڌي. ين تونگيو صدر ۽ سندس وفد کي چيري آٽوز جي عالمي آپريشنز، فني جدت جي لاءِ ان جي وابستگي ۽ عالمي منڊين ۾ ان جي ڪاميابين بابت آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ سنڌ جي وزيرن شرجيل انعام ميمڻ، سيد ناصر حسين شاهه کانسواءِ چين ۾ پاڪستان جو سفير خليل هاشمي پڻ موجود هو.

مزید خبریں