پاڪستان ۾ اوڀر ڊيجيٽل بئنڪ جو قيام ڪيش ليس ڪاروبار ۽ مالياتي شعبي جي ترقي ۽ فروغ ۾ سنگ ميل ثابت ٿيندو: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊيجيٽلائيزيشن کي وقت جي ضرورت قرار ڏيندي چيو آهي ته اوڀر ڊيجيٽل بئنڪ جو قيام پاڪستان ۾ ڪيش ليس ڪاروبار ۽ مالياتي شعبي جي ترقي ۽ فروغ ۾ سنگ ميل ثابت ٿيندو، نوجوان ملڪ جي آبادي جو وڏو حصو آهن، اهي نوجوان اسان جي لاءِ وڏو چئلينج ۽ عظيم موقعو آهن، معيشت کي پيپر ليس بڻائڻ ۽ ان …

اسلام آباد – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊيجيٽلائيزيشن کي وقت جي ضرورت قرار ڏيندي چيو آهي ته اوڀر ڊيجيٽل بئنڪ جو قيام پاڪستان ۾ ڪيش ليس ڪاروبار ۽ مالياتي شعبي جي ترقي ۽ فروغ ۾ سنگ ميل ثابت ٿيندو، نوجوان ملڪ جي آبادي جو وڏو حصو آهن، اهي نوجوان اسان جي لاءِ وڏو چئلينج ۽ عظيم موقعو آهن، معيشت کي پيپر ليس بڻائڻ ۽ ان ۾ انساني عمل دخل گهٽ ڪرڻو پوندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ۾ اوڀر ڊيجيٽل ريٽيل بئنڪ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، پيٽروليم وارو وفاقي وزير علي پرويز ملڪ، ريلوي وارو وفاقي وزير حنيف عباسي، سامونڊي معاملن وارو وفاقي وزير جنيد انوار، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر جميل احمد ۽ ناڻي وارو سيڪريٽري امداد الله بوسال پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ ٻي ڊيجيٽل بئنڪ اوڀر ڊيجيٽل بئنڪ جو قيام خوش آئنده آهي، اوڀر بئنڪ جي مالڪن جو تعلق گڏيل عرب امارات سان آهي ۽ اهي سدائين پاڪستان جي معاشي ۽ سماجي ترقي جا خواهشمند رهيا آهن، پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ الغرير خاندان جو اهم ڪردار آهي.

وزيراعظم چيو ته اوڀر ڊيجيٽل بئنڪ جو قيام پاڪستان ۾ ڪيش ليس ڪاروبار ۽ مالياتي شعبي جي ترقي ۽ فروغ ۾ سنگ ميل ثابت ٿيندو، اوڀر بئنڪ جا چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر نوجوان آهن، پاڪستان جي آبادي جو هڪ وڏو حصو نوجوانن تي ٻڌل آهي، اهي نوجوان ملڪ جي لاءِ هڪ وڏو چئلينج ۽ عظيم موقعو آهن. هن چيو ته اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر باصلاحيت شخصيت آهي، نئين مانيٽري پاليسي ۾ پاليسي ريٽ برقرار رکيو ويو آهي، ملڪ ۾ ڪاروباري، زرعي ۽ صنعتي سرگرمين ۽ بئنڪاري نظام کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اڄ جو دور ڊيجيٽلائيزيشن جو دور آهي ۽ ڊيجيٽلائيزيشن ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال سان معيشت کي ترقي ڏئي سگهجي ٿي، معيشت کي پيپر ليس بڻائڻ ۽ ان ۾ انساني عمل دخل گهٽ ڪرڻو پوندو. هن چيو ته اوڀر بئنڪ هڪ وڏي بئنڪ آهي ۽ اميد ڪريون ٿا ته پاڪستان ۾ ڊيجيٽل بئنڪ جي قيام سان مالياتي شعبي ۾ عوام کي بهترين خدمتن جي فراهمي جي حوالي سان وڏي تبديلي ايندي. ان موقعي تي ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ حڪومت ملڪ ۾ اقتصادي استحڪام جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، مٽاسٽا جو ناڻو پاڪستان جي لائيف لائين آهي، عالمي ريٽنگ ايجنسين پڻ پاڪستان جي بهتر معاشي ڪارڪردگي جي تصديق ڪئي آهي جنهن سان اهو ثابت ٿئي ٿو ته پاڪستان جي معيشت صحي رخ ۾ گامزن آهي، اها هڪ شروعات آهي ۽ اسان کي وڌيڪ اڳتي وڌڻو آهي. هن چيو ته موجوده حڪومت ڍانچاجاتي سڌارا متعارف ڪرائي رهي آهي، توانائي، بئنڪاري نظام ۽ ايس او ايز جي حوالي سان مختلف قدم کنيا پيا وڃن، اسان پاليسين جي تسلسل کي يقيني بڻائينداسين، اوڀر ڊيجيٽل بئنڪ جي پاڪستان جي مالياتي شعبي ۾ شموليت خوش آئنده آهي، اميد آهي اوڀر ڊيجيٽل بئنڪ پاڪستان ۾ عوام جي لاءِ بهترين خدمتون متعارف ڪرائيندي. اوڀر بئنڪ جي چيئرمين عبدالعزيز الغرير چيو ته اوڀر بئنڪ پاڪستان ۾ پنهنجو مالياتي سفر شروع ڪري رهي آهي، پاڪستان جي حڪومت وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ ملڪ ۾ سڌارن، معاشي ترقي ۽ غيرملڪي سيڙپڪاري جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، اسان کي ان عمل جو حصو بڻجڻ تي فخر آهي، ڊيجيٽل ريگيوليٽري فريم ورڪ تحت اسٽيٽ بئنڪ جا قدم ساراهه جوڳا آهن، اسان پهرين مڪمل ڊيجيٽل بئنڪ جي قيام جي لاءِ پاڪستان جي چونڊ ڪئي آهي، پاڪستان جاگرافيائي بيهڪ ۽ ڪاروباري ۽ مالياتي سرگرمين جي لاءِ بهتر ماحول جي ڪري ڊيجيٽل اڪنامڪ پاور هائوس بڻجڻ جي صلاحيت رکي ٿو، اسان پاڪستان ۾ بهتري مالياتي خدمتن تائين پهچ کي يقيني بڻائينداسين، اسان رڳو پاڪستان ۾ ڊيجيٽل بئنڪ ئي قائم نه ڪري رهيا آهيون پر ان جي ترقي جي سفر ۾ شريڪ ٿي رهيا آهيون. اوڀر بئنڪ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر محمد همايون سجاد چيو ته گذريل سال پاڪستان ۾ ڊيجيٽل ادائيگين ۾ 30 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، نوجوان مالياتي شعبي جو ڊيجيٽل مستقبل آهن، ڊيجيٽل بئنڪاري جي فروغ ۽ سائبر سيڪيورٽي جي لاءِ اسٽيٽ بئنڪ جا قدم ساراهه جوڳا آهن. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ اوڀر بئنڪ جي چيئرمين عبدالعزيز الغرير پاڪستان ۾ اوڀر ڊيجيٽل ريٽل بئنڪ جو باضابطا افتتاح ڪيو.

مزید خبریں