دوحا – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني جي وچ ۾ ملاقات ٿي. وزيراعظم 9 سيپٽمبر تي اسرائيل جي حملي کي قطر جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي کليل خلاف ورزي ۽ عالمي قانونن جي سنگين پائمالي قرار ڏنو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر تي اسرائيل جي تازي حملي …
وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني ۾ ملاقات

مزید خبریں
دوحا – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني جي وچ ۾ ملاقات ٿي. وزيراعظم 9 سيپٽمبر تي اسرائيل جي حملي کي قطر جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي کليل خلاف ورزي ۽ عالمي قانونن جي سنگين پائمالي قرار ڏنو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر تي اسرائيل جي تازي حملي کانپوءِ دوحا ۾ گهرايل هنگامي عرب اسلامي سربراهي اجلاس موقعي تي قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني سان ملاقات ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ هٿياربند فوج جو سربراهه فيلڊ مارشل سيد عاصم منير به ملاقات ۾ موجود هئا. ملاقات ۾ وزيراعظم 9 سيپٽمبر تي دوحا جي رهائشي علائقي تي اسرائيلي حملي جي پاڪستان جي شديد مذمت جو ورجاءُ ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ قيمتي جانين جو زيان ۽ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا. هن نازڪ وقت ۾ قطر سان پاڪستان جي هر ممڪن حمايت ۽ يڪجهتي جو ورجاءُ ڪندي وزيراعظم 9 سيپٽمبر تي اسرائيل جي حملي کي قطر جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي کليل خلاف ورزي ۽ عالمي قانونن جي سنگين پائمالي قرار ڏنو. گذريل هفتي دوحا جي دوري دوران قطر جي امير سان پنهنجي تازي ملاقات جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ قطر جا ڀائراڻا تاريخي ۽ پائيدار لاڳاپا ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ مضبوط ٿيندا. وزيراعظم وچ اوڀر ۾ اسرائيل جي جارحيت کي فوري طور تي روڪڻ ۽ مسلمان امت جي اتحاد تي زور ڏنو. ان سلسلي ۾ هن قطر پاران دوحا ۾ هنگامي عرب اسلامي سربراهي اجلاس گهرائڻ جي فيصلي کي به ساراهيو. وزيراعظم چيو ته قطر جي درخواست تي پاڪستان وچ اوڀر جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي ڳالهه ٻولهه جي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو هنگامي اجلاس گهرائڻ جي درخواست ڪئي هئي. قطر جي امير هنگامي عرب اسلامي سربراهي اجلاس ۾ وزيراعظم جي شرڪت سان گڏوگڏ هن مشڪل وقت ۾ قطر سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ 12 سيپٽمبر تي دوحا جي دوري کي ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن خطي ۾ پيدا ٿيندڙ نئين صورتحال جي ڏس ۾ ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.










