پاڪستان تڪرارن جي باوجود ڳالهه ٻولهه ذريعي پرامن انداز ۾ حل جو حامي آهي: اسحاق ڊار

اسلام آباد – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان تڪرارن جي باوجود ڳالهه ٻولهه جي ذريعي پرامن انداز ۾ حل جي حمايت ڪئي آهي، قطر تي اسرائيلي حملي جي مذمت ڪريون ٿا، اسرائيل جو لبنان ۽ شام کانپوءِ قطر تي حملو ناقابل قبول آهي، او آءِ سي فورم مان ڀرپور انداز ۾ اسرائيلي حملي جي مذمت ڪئي وئي. …

اسلام آباد – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان تڪرارن جي باوجود ڳالهه ٻولهه جي ذريعي پرامن انداز ۾ حل جي حمايت ڪئي آهي، قطر تي اسرائيلي حملي جي مذمت ڪريون ٿا، اسرائيل جو لبنان ۽ شام کانپوءِ قطر تي حملو ناقابل قبول آهي، او آءِ سي فورم مان ڀرپور انداز ۾ اسرائيلي حملي جي مذمت ڪئي وئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن الجزيره کي ڏنل انٽرويو ۾ ڪيو. نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ سڀ کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون آهن، پاڪستان امن پسند ملڪ آهي ۽ ڳالهه ٻولهه سان مسئلن جو حل چاهي ٿو. محمد اسحاق ڊار چيو ته اسرائيل جو خودمختيار ملڪ تي حملي جو ڪو جواز نه آهي، قطر تي اسرائيلي حملي کانپوءِ اسان صوماليه سان گڏجي سلامتي ڪائونسل جي هنگامي اجلاس جي درخواست ڪئي. هن چيو ته قطر جي دوست ۽ ڀائر ملڪ جي طور تي پاڪستان فعال ڪردار ادا ڪيو. اسرائيلي حملي جي رڳو مذمت ڪافي نه آهي، هاڻي اسان کي واضح حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي. نائب وزيراعظم چيو ته وقت اچي ويو آهي ته غزه ۾ غيرمشروط جنگبندي يقيني بڻائي وڃي. غزه جي عوام انتهائي مشڪل حالتن جو شڪار آهي، اسرائيلي اشتعال انگيزين مان واضح آهي ته هو هرگز امن نٿو چاهي. هن چيو ته پاڪستان سدائين مسلمان امت جي وچ ۾ اتحاد جو داعي رهيو. قطر تي اسرائيل جو حملو مڪمل طور تي اميد جي خلاف قدم هو. محمد اسحاق ڊار چيو ته ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهيون، جيڪو ملڪ دهشتگردي جو سڀ کان وڌيڪ شڪار آهي ڀارت جو ان تي الزام هڻڻ حيرت جوڳو آهي. نائب وزيراعظم چيو ته ائٽمي طاقت جي حيثيت سان پاڪستان مسلمان دنيا سان گڏ بيٺل آهي. اسان وٽ مضبوط فوج ۽ جديد هٿيار موجود آهن، اسان ڪنهن کي به پنهنجي خودمختياري ۽ سالميت جي خلاف ورزي جي اجازت نه ڏينداسين. محمد اسحاق ڊار چيو ته سنڌ طاس معاهدي تحت پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ پاڻي جي ورڇ ٿي، ڀارت هڪطرفي طور تي سنڌ طاس معاهدي کي ختم يا معطل نٿو ڪري سگهي، مستقبل جون جنگيون پاڻي تي ٿيڻيون آهن. نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستان واضح ڪري ڇڏيو آهي ته پاڻي روڪڻ جي عمل کي اعلان جنگ سمجهيو ويندو. ڀارت سان ڪشمير سميت سمورن مسئلن تي ڳالهه ٻولهه جي لاءِ تيار آهيون. هن چيو ته مسئلن جي حل لاءِ ڳالهه ٻولهه بهترين رستو آهي، جنهن جي ڪاميابي جي لاءِ سنجيدگي جو هجڻ به ضروري آهي. سندس چوڻ هو ته دنيا کي هاڻي اسرائيل جو رستو روڪڻو پوندو. سلامتي ڪائونسل ۾ سڌارا ڪرڻ گهرجن. سلامتي ڪائونسل کي ڪشمير ۽ فلسطين جي تڪرار جي حل جي ذميواري پوري ڪرڻ گهرجي.

مزید خبریں