دوحا – 15 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هنگامي عرب اسلامي سربراهه اجلاس جي موقعي تي مصر جي صدر عبدالفتاح السيسي سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پڻ موجود هو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران وزيراعظم 9 سيپٽمبر تي قطر جي خلاف …
وزيراعظم شهباز شريف سان هنگامي عرب اسلامي سربراهه اجلاس جي موقعي تي مصر جي صدر عبدالفتاح السيسي جي ملاقات

مزید خبریں
دوحا – 15 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هنگامي عرب اسلامي سربراهه اجلاس جي موقعي تي مصر جي صدر عبدالفتاح السيسي سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پڻ موجود هو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران وزيراعظم 9 سيپٽمبر تي قطر جي خلاف اسرائيلي جارحيت جي شديد مذمت ڪئي. ٻنهي اڳواڻن قطر سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ اسرائيل پاران قطر جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي خلاف ورزي کي غيرذميواراڻو ۽ عالمي قانون جي کليل خلاف ورزي قرار ڏنو. وزيراعظم ان مشڪل مرحلي تي مصر جي فعال سفارتڪاري کي ساراهيندي چيو ته دوحا عرب اسلامي سربراهه اجلاس مسلمان دنيا جي اتحاد جي مظاهري لاءِ هڪ اهم قدم آهي ته جيئن اسرائيل کي ان جي رويي تي جوابده بڻائي سگهجي. وزيراعظم گذريل سال ڊسمبر ۾ قاهره ۾ ڊي – 8 اجلاس دوران مصري صدر سان پنهنجي ملاقات ۽ هلندڙ سال عيد جي موقعي تي ٿيندڙ ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه جو ذڪر ڪندي مصر سان واپار، سيڙپڪاري ۽ صحت سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي فروغ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته اهي علائقائي صورتحال جي ڏس ۾ گڏيل رابطي ۾ رهندا.










