اسلام آباد-15 سيپٽمبر (اي پي پي)سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ، سپر ٽيڪس بابت درخواستن جي ٻُڌڻيءَ اڱارو 16 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ 5 رڪني بينچ سپر ٽيڪس جي حوالي سان داخل درخواستن تي ٻُڌڻيءَ ڪئي. ٻُڌڻيءَ دوران ايف بي آر جي وڪيل عاصمه حامد ٻُڌايو ته پارليامينٽ پراويڊنٽ فنڊ وارن کي سپر ٽيڪس ۾ ڪنهن حد تائين ڇوٽ ڏني آهي. جسٽس محمدعلي …
سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ پاران سپر ٽيڪس بابت درخواستن جي ٻُڌڻي 16 سيپٽمبر تائين ملتوي

مزید خبریں
اسلام آباد-15 سيپٽمبر (اي پي پي)سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ، سپر ٽيڪس بابت درخواستن جي ٻُڌڻيءَ اڱارو 16 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ 5 رڪني بينچ سپر ٽيڪس جي حوالي سان داخل درخواستن تي ٻُڌڻيءَ ڪئي. ٻُڌڻيءَ دوران ايف بي آر جي وڪيل عاصمه حامد ٻُڌايو ته پارليامينٽ پراويڊنٽ فنڊ وارن کي سپر ٽيڪس ۾ ڪنهن حد تائين ڇوٽ ڏني آهي. جسٽس محمدعلي مظهر چيو ته سيڪشن 53 ٽيڪس ڇوٽ بابت آهي، فنڊ ڪنهن جي ذاتي جاگير ناهي هوندو، ٽرسٽ اٿارٽيز کي گذارش ڪري ٿي ۽ پوءِ ٽيڪس لاڳاپيل اداري کي ڏنو وڃي ٿو. جسٽس امين الدين ريمارڪس ڏنا ته سپر ٽيڪس جي ادائگيءَ جي ذميداري ته شيڊول ۾ ڏني وئي آهي. جسٽس حسن اظهر رضوي چيو ته جڏهن انڪم ٽيڪس مڙهي نٿو سگهجي ته سپر ٽيڪس ڪيئن مڙهي سگهجي ٿو. هڪ مثال وٺو ته هاڻ فنڊ تي 100 رپيا ٽيڪس لڳي ٿو، 25 سالن کان پوءِ اها رقم وڌي وڃي 550 رپيا ٿي ويندي، مطلب ته رٽائرمينٽ کانپوءِ جيڪو فائدو ملي ٿو اهو نه ملندو. ان موقعي تي ايڊيشنل اٿارٽي جنرل ٻُڌايو ته سيڪنڊ شيڊول ۾ پراويڊنٽ فنڊ تي سپر ٽيڪس سميت هر ٽيڪس تي ڇوٽ هوندي آهي. عاصمه حامد چيو ته پارليامينٽ حڪومت لاءِ انتهائي اهم سيڪٽر آهي، ٽيڪس پيئرز اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جو هڪ حصو ۽ سيڪشن فور سي کي گڏائي پڙهي رهيا آهن، شوڪاز نوٽيس ۽ ٻنهي کي گڏائي پڙهي اهو چئي رهيا آهن ته هو سپر ٽيڪس ڏيڻ جا پابند ناهن. ايف بي آر جي وڪيل حافظ احسان دليل جي شروعات ڪئي ۽ چيو ته مان سپر ٽيڪس بابت قانوني ۽ آئيني نُقطن تي معاونت ڪندس، باقي سمورا دليل عاصمه حامد جا اختيار ڪندس. جسٽس محمدعلي مظهر چيو ته توهان جا جيڪي ڪل نُقطا آهن ڪوشش ڪريو ته انهن تي دليل مڪمل ڪري وٺو جنهن تي حافظ احسان چيو ته مان صرف وڌيڪ 10 منٽ وٺندس جڏهن ته جسٽس امين الدين چيو ته اڄ ٿي سگهيو ٿي پر اسان جي هڪ معزز جج کي ڪيڏانهن وڃڻو آهي. بعد ۾ ڪيس جي ٻُڌڻيءَ اڱاري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.











