اسلام آباد-15 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ڪي پي ڪي ۾ ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي. گهرو وزير ٻڌايو ته تازين ڪاررواين ۾ 31 ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگرد مارجي ويا ۽ سيڪيورٽي فورسز جي وقت سر ڪاررواين ذريعي دشمنن جي ناپاڪ اِرادن کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو. گهرو وزير پنهنجي بيان ۾ چيو ته ڀارتي …
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پاران سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين

مزید خبریں
اسلام آباد-15 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ڪي پي ڪي ۾ ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي. گهرو وزير ٻڌايو ته تازين ڪاررواين ۾ 31 ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگرد مارجي ويا ۽ سيڪيورٽي فورسز جي وقت سر ڪاررواين ذريعي دشمنن جي ناپاڪ اِرادن کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو. گهرو وزير پنهنجي بيان ۾ چيو ته ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن کي عبرتناڪ انجام تائين پهچائيندڙ سيڪيورٽي فورسز جي جوانن کي منهنجو ۽ قوم جو سلام آهي، هي بهادر جوان رياست جي بچاءُ ۾ پنهنجين جانين جو نذرانو پيش ڪندي دشمن کي سبق سيکاري رهيا آهن. محسن نقوي چيو ته قوم سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي ۽ فتنه الهندستان جي دهشتگردن کي پاڪستان ۾ لِڪڻ نه ڏينداسين. هن شهيدن جي وارثن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو ۽ زخمي اهلڪارن جي جلد صحتيابيءَ لاءِ دُعا پڻ ڪئي.











