پ پ جو اڳوڻو ايم اين اي روشن الدين جوڻيجو لاڏاڻو ڪري ويو

اسلام آباد/حيدرآباد-15 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جو سينيئر اڳواڻ، قومي اسيمبلي جو اڳوڻو ميمبر ۽ سانگهڙ ضلعي جو اڳوڻو ضلعي ناظم روشن الدين جوڻيجو 74 ورهين جي عمر ۾ دل جو دَورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو. سندس لاڏاڻي جي خبر ملندي ئي سانگهڙ، ٽنڊو آدم ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ سوڳ وارو ماحول پيدا ٿي ويو. مرحوم روشن الدين جوڻيجو، اڳوڻي مملڪتي وزير ۽ سينيٽر مرحوم …

اسلام آباد/حيدرآباد-15 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جو سينيئر اڳواڻ، قومي اسيمبلي جو اڳوڻو ميمبر ۽ سانگهڙ ضلعي جو اڳوڻو ضلعي ناظم روشن الدين جوڻيجو 74 ورهين جي عمر ۾ دل جو دَورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو. سندس لاڏاڻي جي خبر ملندي ئي سانگهڙ، ٽنڊو آدم ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ سوڳ وارو ماحول پيدا ٿي ويو. مرحوم روشن الدين جوڻيجو، اڳوڻي مملڪتي وزير ۽ سينيٽر مرحوم شاهنواز جوڻيجو جو وڏو پٽ، موجوده ايم اين اي صلاح الدين جوڻيجو جو والد ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمد خان جوڻيجو جو ڀاءُ هو. سندس تعلق سانگهڙ ضلعي جي تعلقي ٽنڊو آدم جي ڳوٺ سنجر جوڻيجو سان هو. روشن جوڻيجو پهرين جنوري 1951ع ۾ جنم ورتو. هو 2002ع ۾ سانگهڙ ضلعي جو ضلعي ناظم ۽ بعد ۾ قومي اسيمبليءَ جي تڪ اين اي 236 (سانگهڙ-2، اڳوڻي سانگهڙ-3) تان پ پ جي پليٽ فارم تي 2008ع، 2013ع ۽ 2018ع جي عام چونڊن ۾ ايم اين اي چونڊيو. هو آئل اينڊ گيس ڊولپمينٽ ڪميٽي سانگهڙ جو چيئرمين به رهيو. هن قومي اسيمبليءَ جي مختلف اسٽينڊنگ ڪميٽين جي ميمبر ۽ چيئرمين طور تي پڻ خدمتون سرانجام ڏنيون. مرحوم عوامي خدمت، ضلعي جي ترقياتي اسڪيمن ۽ فلاحي منصوبن جي حوالي سان هڪ فعال سياستدان طور ڄاتو ويندو هو. پنهنجي تڪ ۾ هو نه صرف پ پ جو مضبوط اڳواڻ تصور ڪيو ويندو هو پر عوامي سطح تي پڻ سندس وڏو اثر ۽ رسوخ هو. مرحوم جي لاڏاڻي تي سياسي ۽ سماجي اڳواڻن سميت پارٽيءَ جي قومي ۽ صوبائي قيادت گهري ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي سندس خدمتن کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو. مرحوم جو مڙهه اسلام آباد کان اباڻي ڳوٺ سنجر جوڻيجو آندو ويندو ۽ اڄ صبح 11 وڳي سندس جنازي نماز ادا ڪئي ويندي.

مزید خبریں