صدر آصف علي زرداري جي شنگهائي اليڪٽرڪ جي چيئرمين سان ملاقات، ڪمپني جو دورو

شنگهائي – 15 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري شنگهائي اليڪٽرڪ جي چيئرمين وولي سان ملاقات ڪئي ۽ بعد ۾ شنگهائي ۾ ڪمپني جي سهولتن جو دورو ڪيو، خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري، پاڪستان پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سينيٽر سليم مانڊوي والا پڻ ساڻس گڏ هئا. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب شنگهائي اليڪٽرڪ جي چيئرمين پاڪستان ۾ ڪمپني جي …

شنگهائي – 15 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري شنگهائي اليڪٽرڪ جي چيئرمين وولي سان ملاقات ڪئي ۽ بعد ۾ شنگهائي ۾ ڪمپني جي سهولتن جو دورو ڪيو، خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري، پاڪستان پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سينيٽر سليم مانڊوي والا پڻ ساڻس گڏ هئا. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب شنگهائي اليڪٽرڪ جي چيئرمين پاڪستان ۾ ڪمپني جي منصوبن بابت بريفنگ ڏني جنهن ۾ ٿر جي ڪوئلي، ائٽمي توانائي ۽ ڪوئلي سان هلندڙ پاور پلانٽس شامل آهن. صدر پاڪستان جي توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ شنگهائي اليڪٽرڪ جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته شنگهائي اليڪٽرڪ روزگار جي موقعن ۽ سماجي ۽ معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. صدر شنگهائي اليڪٽرڪ کي پاڪستان جي ٽرانسميشن ۽ ڊسٽري بيوشن نظام ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي ان ڳالهه جي خاطري ڪرائي ته جيڪڏهن ڪي التوا هيٺ مسئلا ٿيا ته انهن کي دوستاڻي ۽ گڏيل تعاون جي جذبي تحت حل ڪيو ويندو. شنگهائي اليڪٽرڪ جي سي اي او پاڪستان ۾ پنهنجي ملازمن جي لاءِ فراهم ڪيل سيڪيورٽي انتظامن تي حڪومت جا ٿورا مڃيا. صدر وڌيڪ يقين ڏياريو ته پاڪستاني حڪومت چيني ڪارڪنن جي لاءِ محفوظ ۽ سازگار ماحول يقيني بڻائڻ جي لاءِ حفاظتي قدمن کي وڌيڪ مضبوط ڪندي. صدر کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته شنگهائي اليڪٽرڪ 1902ع ۾ قائم ٿي ۽ اها توانائي ۽ صنعتي شعبي ۾ عالمي مقام رکي ٿي. ان موقعي تي ٿر ۾ ڪوئلي گيسيفڪيشن پلانٽ قائم ڪرڻ جي لاءِ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون پڻ ٿيون. اهو ٿر ڪوئلي تي ٻڌل پهريون ڪوئلو گيسيفڪيشن ۽ فرٽيلائزر منصوبو هوندو جيڪو توانائي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ سان گڏ زرعي شعبي کي پڻ سهارو ڏيندو. ايم ايف  ٽي سي ڪول گيسفيڪيشن جي سي اي او شاهد توالا ۽ سينو سنڌ ريسورسز/ شنگهائي اليڪٽرڪ جي سي اي او اولِين جيگن يادداشت تي صحيحون ڪيون. ان موقعي تي خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري ۽ پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پڻ صدر سان گڏ هئا. سينيٽر سليم مانڊوي والا، سنڌ جي اطلاعات ۽ ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل ميمڻ ۽ سنڌ جي منصوبابندي ۽ توانائي واري وزير سيد ناصر شاهه کانسواءِ پاڪستان جا سفير پڻ ان موقعي تي موجود هئا. 
مزید خبریں