وزيراعظم پاران لڪي مروت ۽ بنون ۾ فتنه الخوارج جي خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي واکاڻ

اسلام آباد  – 15 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف لڪي مروت ۽ بنون ۾ فتنه الخوارج جي خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ اهلڪارن کي ساراهيندي چيو ته ملڪ جي تحفظ جي اڻٿڪ عزم ۾ پوري قوم پنهنجي پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم آپريشنز دوران 31 خارجين کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي …

اسلام آباد  – 15 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف لڪي مروت ۽ بنون ۾ فتنه الخوارج جي خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ اهلڪارن کي ساراهيندي چيو ته ملڪ جي تحفظ جي اڻٿڪ عزم ۾ پوري قوم پنهنجي پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم آپريشنز دوران 31 خارجين کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي پيشيواراڻي صلاحيتن کي ساراهيو. هن چيو ته دهشتگردي جي لعنت جي ملڪ مان مڪمل خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکنداسين. 
مزید خبریں