پاڪستان ۾ هر سال سروائيڪل ڪينسر سبب 3 هزار عورتون زندگي وڃائي ويهن ٿيون: صحت وارو وفاقي وزير

اسلام آباد -15 سيپٽمبر (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي، ته اسان جي ترجيحن سبب مريضن ۾ گهٽتائي واقع ٿي رهي آهي، اسپتالن کان اڳ ۾ بيمارين جي روڪٿام تي ڌيان ڏيڻو پوندو، پاڪستان ۾ هر سال سروائيڪل ڪينسر سبب 3 هزار کان وڌيڪ عورتون پنهنجون حياتيون وڃائي ويهن ٿيون. انهن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد ماڊل ڪاليج فار گرلز، ايف-7/4  ۾ ايڇ …

اسلام آباد -15 سيپٽمبر (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي، ته اسان جي ترجيحن سبب مريضن ۾ گهٽتائي واقع ٿي رهي آهي، اسپتالن کان اڳ ۾ بيمارين جي روڪٿام تي ڌيان ڏيڻو پوندو، پاڪستان ۾ هر سال سروائيڪل ڪينسر سبب 3 هزار کان وڌيڪ عورتون پنهنجون حياتيون وڃائي ويهن ٿيون. انهن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد ماڊل ڪاليج فار گرلز، ايف-7/4  ۾ ايڇ پي وي ويڪسين مهم جي باقاعده افتتاح جي موقعي تي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته اهو ڏينهن اسان لاءِ صحت جي نظام ۾ نئين رخ جي شروعات آهي، اسپتالن کان اڳ اسان کي بيمارين جي روڪٿام تي ڌيان ڏيڻو پوندو. هن چيو ته اها مهم 15 کان 27 سيپٽمبر تائين سنڌ، پنجاب، اسلام آباد ۽ آزاد ڪشمير جي سرڪاري اسڪولن ۾ هلائي ويندي جنهن تحت 9 کان 14 سال جي عمر جي ٻارن کي سروائيڪل ڪينسر کان بچاءَ جي ويڪسين مفت فراهم ڪئي ويندي.  وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ هر سال سروائيڪل ڪينسر جي ڪري 3000  کان وڌيڪ عورتون پنهنجي زندگي وڃائي ويهن ٿيون ۽ اسان کي پنهنجي نياڻين ۽ ڀينرن کي ان موذي مرض کان بچائڻ لاءِ سنجيده قدم کڻڻا پوندا. هن چيو ته اها ويڪسين ٻارن لاءِ محفوظ آهي ۽ ان باري ۾ ڪوڙي پروپئگنڊا تي يقين نه ڪرڻ گهرجي، احتياط علاج کان بهتر آهي.  تعليم بابت مملڪتي وزير  وجيهه قمر چيو ته احتياط علاج کان بهتر آهي ۽ ان ويڪسين ذريعي اسان پنهنجي ٻارن کي سروائيڪل ڪينسر کان محفوظ رکي سگهون ٿا.هن جو چوڻ هو ته اها مهم فيڊرل ڊائريڪٽوريٽ آف ايجوڪيشن (ايف ڊي اي) جي سهڪار سان سرڪاري اسڪولن ۾ شروع ڪئي آهي جنهن تحت پبلڪ سيڪٽر جي ٻارن کي مفت ويڪسين فراهم ڪئي ويندي.  مملڪتي وزير چيو ته ان ويڪسين عيوض اسان پنهنجي نياڻين کي هڪ خطرناڪ بيماري کان محفوظ رکي سگهون ٿا ۽ اهي قدم ملڪ جي عام صحت جي نظام ۾ هاڪاري اڳڀرائي آهي. هن چيو ته وفاقي تعليمي نظام ان مهم ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيو آهي جڏهن ته مفتي صاحبان طرفان به ان ويڪسين جي حمايت ۾ بيان سامهون اچي رهيا آهن جنهن سان والدين جو اعتماد وڌيو آهي.

مزید خبریں