اسلام آباد – 10 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته ذهني صحت انساني ڀلائي ۽ هڪ صحتمند ۽ مستحڪم معاشري جي جوڙجڪ لاءِ بنيادي اهميت رکي ٿي. ذهني صحت بابت عوامي آگاهي کي هٿي ڏيڻ ۽ نفسياتي مسئلن سان لاڳاپيل ناڪاري سماجي روين جو خاتمو وقت جي اهم ضرورت آهي. اهڙو اظهار هن ذهني صحت جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي …
ذهني صحت بابت عوامي گاهي کي هٿي ڏيڻ ۽ نفسياتي مسئلن سان لاڳاپيل ناڪاري سماجي روين جو خاتمو وقت جي اهم ضرورت آهي: اسپيڪر سردار اياز صادق

مزید خبریں
اسلام آباد – 10 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته ذهني صحت انساني ڀلائي ۽ هڪ صحتمند ۽ مستحڪم معاشري جي جوڙجڪ لاءِ بنيادي اهميت رکي ٿي. ذهني صحت بابت عوامي آگاهي کي هٿي ڏيڻ ۽ نفسياتي مسئلن سان لاڳاپيل ناڪاري سماجي روين جو خاتمو وقت جي اهم ضرورت آهي. اهڙو اظهار هن ذهني صحت جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو، جيڪو هر سال 10 آڪٽوبر تي ملهايو ويندو آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو ته ذهني صحت جا مسئلا ڪنهن مخصوص عمر يا طبقي تائين محدود نه آهن پر هر عمر ۽ هر طبقي جي ماڻهن کي متاثر ڪري سگهن ٿا. موجوده دور ۾ ذهني دٻاءُ ۽ ٻين نفسياتي مسئلن کان آگاهي، وقت سر چڪاس ۽ اثرائتي علاج جي اهميت وڌيڪ وڌي وئي آهي. هن زور ڀريو ته ذهني صحت جي مسئلن کي ڪمزوري سمجهڻ بدران صحت جي هڪ اهم مسئلي طور تسليم ڪيو وڃي. سردار اياز صادق چيو ته ذهني دٻاءُ ۽ نفسياتي مسئلن کي منهن ڏيندڙ ماڻهن سان اڻبرابري واري سلوڪ بدران، همدردي، احترام ۽ مدد جو رويو ضروري آهي. هن اهڙي سازگار ماحول جي فراهمي تي زور ڀريو جتي متاثر ماڻهو بنا ڪنهن هٻڪ جي پنهنجا مسئلا بيان ڪري سگهن ۽ وقت سر طبي ۽ نفسياتي مدد حاصل ڪرڻ ۾ پاڻ کي محفوظ محسوس ڪن. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ٻارن ۽ نوجوانن جي ذهني صحت تي خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته انهن جي فڪري، جذباتي ۽ سماجي واڌ ويجهه صحتمند معاشرو جوڙڻ سان سڌي ريت واڳيل آهي. هن خاندانن، تعليمي ادارن ۽ معاشرتي حلقن تي زور ڀريو ته اهي ذهني صحت جي مسئلن ۾ ورتل ماڻهن لاءِ مثبت روين کي هٿي ڏين ۽ انهن جي مدد ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪن. اسپيڪر سردار اياز صادق چيو ته ذهني صحت جي مسئلن کي مؤثر طريقي سان منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت، پارليامينٽ، لاڳاپيل ادارن، صحت جي ماهرن ۽ سول سوسائٽي جي وچ ۾ مربوط تعاون ضروري آهي. عوامي آگاهي کي هٿي ڏيڻ، معياري طبي ۽ نفسياتي سهولتن تائين رسائي ۽ هڪ مؤثر مدد واري نظام جي فراهمي لاءِ گڏيل ڪوششون وقت جي اهم گهرج آهي. هن وڌيڪ چيو ته پارليامينٽ عوامي ڀلائي، سماجي شموليت ۽ شهرين جي بنيادي حقن جي تحفظ لاءِ پنهنجو آئيني ۽ پارلياماني ڪردار ادا ڪندي رهندي.










