شنگهائي – 15 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري شنگهائي ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي پهرين نيشنل ڪانگريس ميموريل جو دورو ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري ۽ پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پڻ ساڻس گڏ هئا. ميموريل شنگهائي جي تاريخي فرنچ علائقي ۾ موجود آهي، هي اها جڳهه آهي جتي جولاءِ 1921ع ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا …
صدر آصف علي زرداري پاران شنگهائي ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي پهرين نيشنل ڪانگريس ميموريل جو دورو

مزید خبریں
شنگهائي – 15 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري شنگهائي ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي پهرين نيشنل ڪانگريس ميموريل جو دورو ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري ۽ پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پڻ ساڻس گڏ هئا. ميموريل شنگهائي جي تاريخي فرنچ علائقي ۾ موجود آهي، هي اها جڳهه آهي جتي جولاءِ 1921ع ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جو پهريون اجلاس ٿيو هو. صدر تاريخي شيڪومن طرز عمارت ۽ نمائش هال جو دورو ڪيو، نمائش ۾ تاريخي نوادرات، تصويرون ۽ دستاويز محفوظ آهن. صدر ان تاريخي ورثي جي تحفظ کي ساراهيو، هي ميموريل قومي ثقافتي ورثي ۽ شنگهائي جي نمايان تاريخي جڳهه تسليم ڪئي وڃي ٿي. هڪ سئو چار سال اڳ چيئرمين مائوزي تنگ سميت 13 اڳواڻن پارٽي جي پهرين اجلاس ۾ شرڪت ڪئي هئي. ڪميونسٽ پارٽي چين کي غربت مان ڪڍي عالمي فوجي، ٽيڪنالاجيڪل ۽ معاشي طاقت بڻايو. صدر ان موقعي تي مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر قلمبند ڪندي چيو ته ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي يادگار جو دورو منهنجي لاءِ هڪ اعزاز جي ڳالهه آهي، هي تاريخي جڳهه چين کي عالمي طاقت بڻائڻ ۾ ڪميونسٽ پارٽي جو ڪردار واضح ڪري ٿي. صدر آصف علي زرداري چيو ته صدر شي جن پنگ جي دُور انديش قيادت دوستي جي رفتار کي تيز ڪري ڇڏيو آهي، اسان جا تاريخي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا ۽ وڌندا رهندا. صدر شي جي ويزن جي ڪري چين وڏي عالمي اقتصادي طاقت بڻجي ويو آهي، آئرن برادرز جي طور تي اسان جي دوستي هر شعبي ۾ ترقي ڪندي رهندي. صدر چيو ته پاڪ چين دوستي ۽ هر موسم جي حصيداري وڌندي ويجهندي رهندي. يادگار کي قومي ثقافتي ورثي جي جڳهه جي طور تي تسليم ڪيو وڃي ٿو ۽ اها شنگهائي جي اهم تاريخي جاين مان هڪ آهي. سينيٽر سليم مانڊوي والا، سنڌ جو اطلاعات ۽ ٽرانسپورٽ وارو وزير شرجيل ميمڻ ۽ سنڌ جو منصوبابندي ۽ توانائي وارو وزير سيد ناصر شاهه پڻ صدر سان گڏ هئا. پاڪستان ۾ چين جو سفير جيانگ زيڊونگ ۽ چين ۾ پاڪستان جو سفير خليل هاشمي پڻ ان موقعي تي موجود هئا.










