شنگهائي – 15 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ۽ خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري سان چائنا آفريقا چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي نائب صدر مس هائو شنگهائي ۾ ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب مس هائو اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ ڪاروباري رابطن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان سان گڏ هڪ اهڙو ئي چيمبر آف ڪامرس …
صدر آصف علي زرداري ۽ خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري سان چائنا آفريقا چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي نائب صدر مس هائو جي ملاقات

مزید خبریں
شنگهائي – 15 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ۽ خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري سان چائنا آفريقا چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي نائب صدر مس هائو شنگهائي ۾ ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب مس هائو اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ ڪاروباري رابطن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان سان گڏ هڪ اهڙو ئي چيمبر آف ڪامرس قائم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. صدر ۽ خاتون اول سندس تجويز کي ساراهيو ۽ ان جي ڪوششن جي لاءِ پنهنجي مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو. صدر چيو ته اهڙو چيمبر قائم ڪرڻ سان پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي تعاون جون نيون راهون کلنديون.










