وزيراعظم محمد شهباز شريف هڪ ڏينهن جي سرڪاري دوري تي دوحا پهچي ويو

دوحا – 15 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هڪ ڏينهن جي سرڪاري دوري تي قطر جي گادي واري شهر دوحا پهچي ويو، دوحا ايئرپورٽ تي قطر جي ثقافت واري وزير شيخ عبدالرحمان بن حمد بن جاسم بن حمد الثاني وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد جو استقبال ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف دوحا ۾ منعقد ٿيندڙ هنگامي عرب اسلامي سربراهي …

دوحا – 15 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هڪ ڏينهن جي سرڪاري دوري تي قطر جي گادي واري شهر دوحا پهچي ويو، دوحا ايئرپورٽ تي قطر جي ثقافت واري وزير شيخ عبدالرحمان بن حمد بن جاسم بن حمد الثاني وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد جو استقبال ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف دوحا ۾ منعقد ٿيندڙ هنگامي عرب اسلامي سربراهي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي لاءِ پهتو آهي. اهو سربراهي اجلاس دوحا تي اسرائيل جي فضائي حملن ۽ فلسطين ۾ انساني حقن جي پائمالي جي مسلسل خراب ٿيندڙ صورتحال تي غور ڪرڻ جي لاءِ گهرايو ويو آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ خاص معاون سيد طارق فاطمي وزيراعظم سان گڏ اعليٰ سطحي وفد ۾ شامل آهن. بيان موجب پاڪستان قطر سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو ۽ قطر ۽ ٻين علائقائي رياستن جي خلاف اسرائيلي جارحيت جي سخت مذمت ڪري ٿو. قطر سان يڪجهتي جي اظهار ۽ علائقائي اتحاد جي لاءِ حمايت ۽ وچ اوڀر ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ ان جي عزم جو اظهار ڪرڻ جي لاءِ قطري قيادت سان ملاقات ڪئي. 15 سيپٽمبر تي دوحا ۾ منعقد ٿيندڙ هنگامي اجلاس ۾ وزيراعظم ۽ ٻين مسلمان ملڪن جي سربراهن جي شرڪت مسلمان امت ۾ مضبوط اتحاد ۽ علائقائي امن قائم ڪرڻ جي اڻٿڪ عزم جو مظهر آهي. 
مزید خبریں