وزيراعظم دوحا ۾ منعقد ٿيندڙ هنگامي عرب اسلامي سربراهي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي لاءِ قطر جو دورو ڪندو

لاهور – 15 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهبناز شريف دوحا ۾ منعقد ٿيندڙ هنگامي عرب اسلامي سربراهي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي لاءِ اڄ سومر ڏينهن قطر جو دورو ڪندو. پاڪستان جي حصيداري سان گهرايو ويندڙ عرب سربراهي اجلاس دوحا ۾ اسرائيل جي فضائي حملن ۽ فلسطين ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ ۽  فلسطينين کي زبردستي بي گهر ڪرڻ جي ڏس ۾ منعقد ٿي رهيو آهي. او آءِ سي جي ميمبر …

لاهور – 15 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهبناز شريف دوحا ۾ منعقد ٿيندڙ هنگامي عرب اسلامي سربراهي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي لاءِ اڄ سومر ڏينهن قطر جو دورو ڪندو. پاڪستان جي حصيداري سان گهرايو ويندڙ عرب سربراهي اجلاس دوحا ۾ اسرائيل جي فضائي حملن ۽ فلسطين ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ ۽  فلسطينين کي زبردستي بي گهر ڪرڻ جي ڏس ۾ منعقد ٿي رهيو آهي. او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جي ملڪي ۽ حڪومتي سربراهن ۽ اعليٰ عملدارن جي اجلاس ۾ شرڪت متوقع آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پاڪستان قطر سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ قطر ۽ ٻين علائقائي رياستن جي خلاف اسرائيلي جارحيت جي شديد مذمت ڪري ٿو. يڪجهتي ۽ علائقائي اتحاد جي لاءِ وزيراعظم 11 سيپٽمبر 2025ع تي دوحا جو دورو ڪيو ۽ قطر جي سلامتي ۽ خودمختياري جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ حمايت ۽ وچ اوڀر ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ قطري قيادت سان ملاقات ڪئي. 
مزید خبریں