اسلام آباد – 15 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر روشن الدين جوڻيجو جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ روشن الدين جوڻيجو جي پارٽي ۽ تڪ جي لاءِ نمايان خدمتن کي ساراهيندي چيو ته عوامي خدمت جي لاءِ سندس مخلصاڻي وابستگي رهي. هن چيو ته روشن الدين …
صدر آصف علي زرداري پاران قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر روشن الدين جوڻيجو جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد – 15 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر روشن الدين جوڻيجو جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ روشن الدين جوڻيجو جي پارٽي ۽ تڪ جي لاءِ نمايان خدمتن کي ساراهيندي چيو ته عوامي خدمت جي لاءِ سندس مخلصاڻي وابستگي رهي. هن چيو ته روشن الدين جوڻيجو جن ماڻهن جي نمائندگي ڪندو هو انهن جي زندگين کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ هن اڻٿڪ ڪوششون ڪيون. صدر چيو ته روشن الدين جوڻيجو پيپلزپارٽي ۽ پنهنجي تڪ جي بهترين خدمت ڪئي. صدر ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ روشن الدين جوڻيجو جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. اڳوڻي ايم اين اي روشن الدين جوڻيجو جو تعلق سانگهڙ سان هو ۽ سندس پيپلزپارٽي سان پراڻو لاڳاپو هو.











