اسلام آباد -15 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر صلاح الدين جوڻيجو جي والد ۽ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر روشن جوڻيجو جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. جاري ڪيل پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ هن صلاح الدين جوڻيجو جي ڪٽنب سان همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته والدين قدرت جو انمول تحفو هوندا …
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران اڳوڻي ايم اين اي روشن جوڻيجو جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد -15 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر صلاح الدين جوڻيجو جي والد ۽ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر روشن جوڻيجو جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. جاري ڪيل پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ هن صلاح الدين جوڻيجو جي ڪٽنب سان همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته والدين قدرت جو انمول تحفو هوندا آهن ۽ انهن جو دنيا مان هليو وڃڻ هڪ وڏو صدمو هوندو آهي. ڏک جي گهڙي ۾ اسان صلاح الدين جوڻيجي ۽ سندس ڪٽنب جي غم ۾ برابر جا شريڪ آهيون. سردار اياز صادق روشن جوڻيجو جي سياسي ۽ سماجي خدمتن تي هن کي خراج عقيدت پيش ڪندي سندس مغفرت ۽ ڏکويل ڪٽنب جي صبر ۽ تحمل لاءِ دعا گهري.











