اسلام آباد -14 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي، ته ذخيره اندوزي ۽ ناجائز منافعي خوري نه ٿيڻ ڏينداسين، ناڻي واڌ ۾ مصنوعي اضافي جي تدارڪ لاءِ انتظامي قدمن ذريعي ذخيره اندوزي تي ضابطو آندو ويندو، ٻوڏ متاثرن جي جلد بحالي کي يقيني بڻايو ويندو، ملڪي معيشت بهتري طرف امزن آهي، ملڪ ترقي ڪري رهيو آهي، پرڏيهي سيڙپڪاري اچي رهي آهي، …
ناڻي واڌ ۾ مصنوعي اضافي جي تدارڪ لاءِ انتظامي قدمن ذريعي ذخيره اندوزي تي ضابطو آندو ويندو: وفاقي وزير محمد اورنگزيب

مزید خبریں
اسلام آباد -14 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي، ته ذخيره اندوزي ۽ ناجائز منافعي خوري نه ٿيڻ ڏينداسين، ناڻي واڌ ۾ مصنوعي اضافي جي تدارڪ لاءِ انتظامي قدمن ذريعي ذخيره اندوزي تي ضابطو آندو ويندو، ٻوڏ متاثرن جي جلد بحالي کي يقيني بڻايو ويندو، ملڪي معيشت بهتري طرف امزن آهي، ملڪ ترقي ڪري رهيو آهي، پرڏيهي سيڙپڪاري اچي رهي آهي، واپارن ۽ سيڙپڪارن جي سهولت اولين ترجيح آهي. ڪماليه ۾ ٻوڏ متاثر علائقن جي دوري جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ناڻي واري وزير چيو ته وزيراعظم جي هدايت تي ڪابينه ٻن ايمرجنسيز جو اعلان ڪيو آهي، جنهن ۾ ڪلائميٽ ايمرجنسي ۽ ايگري ڪلچر ايمرجنسي شامل آهن. ايمرجنسي تحت جيڪو ڪجهه به ڪرڻو پيو اهو پوري ملڪ لاءِ ڪنداسين. هن چيو ته اسان کي ذميوارين جو احساس ڪندي هاڻي اڳيان وڌڻ گهرجي، ضلعي انتظاميه دستياب وسيلن مان بهترين فائدي تحت ٻوڏ متاثرن کي ريسڪيو ڪيو آهي. ناڻي واري وزير چيو ته مسئلن جي خاتمي لاءِ ڍانچا جاتي قدمن جي رٿابندي ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته موسمياتي تبديلين سان پڻ مسئلا پيدا ٿيا پر ڪجهه مسئلا انسان جا پنهنجا پيدا ڪيل آهن، اسان کي ڏسڻو پوندو ته پوکائي ڪٿي ڪرڻ گهرجي ۽ سوسائٽيون ڪٿي ٺاهڻ گهرجن. سينيٽر محمد اورنگزيب چيو ته انهن سمورن قدمن جي رٿابندي لاءِ وقت گهربل آهي، مشڪل جي ان گهڙي ۾ اسان لاءِ تمام گهڻا سبق پوشيده آهن، هن چيو ته ماحولياتي تبديلي واري وفاقي و زير 300 ڏينهن لاءِ ترتيب ڏنل منصوبي تي ڪم ڪري رهيو آهي ۽ صوبن جي مشاورت سان ان کي قطئي صورت ڏني ويندي ڇاڪاڻ ته ان تي عملدرآمد صوبن کي ئي ڪرڻو آهي. زرعي شعبي جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ هن چي ته مقامي، صوبائي ۽ وفاقي حڪومتون، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان سميت ٻيون بئنڪون انگ اکر ترتيب ڏئي رهيون آهن. هن چيو ته پاڻي لهڻ کان پوءِ 10-12 ڏينهن ۾ زرعي شعبي جي نقصانن جو ڪاٿو لڳايو ويندو، جنهن جي بنياد تي سمورن شراڪتدارن سان گڏجي اڳيان وڌنداسين. جڏهن ته مل فتيانه پل تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته بحالي جو مقصد صرف انفرااسٽرڪچر جي نئين سر تعمير ناهي پر متاثر خاندانن کي سندن اڳوڻي زندگي طرف واپس آڻڻ آهي. هن واضح ڪيو ته متاثر آبادگارن ۽ عوام کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪئي ويندي ته جيئن انهن جي زندگين کي جلد کان جلد معمول تي واپس آڻي سگهجي. هن چيو ته موجوده حالتن ۾ آبادگارن کي خصوصي پئڪيجز ڏيڻ تي غور جاري آهي ته جيئن هو ايندڙ فصل وقت سر پوکي سگهن. هن چيو ته حڪومت ڪلائميٽ ايمرجنسي ۽ ايگريڪلچر ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي آهي جنهن تحت زرعي پيداوار جي تحفظ ۽ متاثرن جي بحالي لاءِ عملي قدم کنيا پيا وڃن. وفاقي وزير چيو ته خوش جهڙي اها ڳالهه آهي ته عالمي سطح تي تيل ۽ ٻين جنسن جون قيمتون گهٽ ٿي رهيون آهن جنهن جو سڌي ريت فائدو پاڪستان کي ٿيندو ۽ حڪومت هر سطح تي مصنوعي مهانگائي روڪڻ لاءِ قدم کڻندي. هن چيو ته ٻوڏ متاثرن کي بجلي جا آگسٽ جي مهيني جا بل نه موڪليا ويندا ۽ جن ماڻهن کي بل ملي چڪا آهن انهن جي ايڊجسٽمينٽ ڪئي ويندي. هن ٻڌيو ته ڪماليه جي انگن اکرن موجب هڪ لک 17 هزار مان هڪ لک 16 هزار متاثرن کي رليف ڪور ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ايندڙ 15 ڏينهن ۾ نقصانن جو ڪاٿو مڪمل ٿيڻ شروع ٿي ويندو، ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ ٻج ۽ ڀاڻ جي فراهمي جو سروي جاري آهي ته جيئن آبادگارن کي وقت سر مدد فراهم ڪري سگهجي. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ 100 ڏينهن جو هدف مقرر ڪيو آهي ۽ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز سميت پاڪ فوج ۽ ضلعي انتظاميه ڏينهن رات متاثرن جي بحالي لاءِ سرگرم آهن. ناڻي واري وزير چيو ته تاريخ ۾ اهڙي رليف آپريشن جو مثال نٿو ملي ۽ الله جو شڪر آهي ته ٽوبه ٽيڪ سنگهه ۾ جاني نقصان تمام گهٽ ٿيو، دنيا ڏسي رهي آهي ته پاڪستاني عوام ڪهڙي ڏکين حالتن مان گذري رهي آهي، جڏهن ته حڪومت سياست کان مٿانهون ٿي ڪري ٻوڏ متاثرن لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. هن زور ڀريو ته ماضي جي ٻوڏن مان سبق سکي بهتر رٿابندي ڪرڻي پوندي ته آئنده اهڙي تباهي آڻيندڙ صورتحال کي منهن نه ڏيڻُو پوي، پنهنجي دوري دوران ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب ٻوڏ متاثر خاندانن ۾ راشن، ٻارن لاءِ کير، رانديڪا ۽ ڪپڙا ورهايا. هن ضلعي انتظاميه ۽ ريسڪيو ادارن جي ڪوششن جي به واکاڻ ڪئي. ٽوبه ٽيڪ سنگهه جي ڊپٽي ڪمشنر محمد نعيم سڌو، ڊسٽرڪٽ پوليس آفيسر عبادت نثار ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر اقرا ناصر وفاقي وزير کي رليف ۽ بحالي جي قدمن تي بريفنگ ڏني











