اسلام آباد-14 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جمهوريت جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پاڪستان جي جمهوري عزم، پارلياماني استحڪام ۽ عوامي شموليت جي تسلسل کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته جمهوريت عوام جي طاقت، اجتماعي دانش، قومي ترقي ۽ خوشحالي جي ضامن آهي. هن چيو ته اڄوڪو ڏينهن انهن سمورن سياسي ڪارڪنن، اڳواڻن ۽ صحافين جي قربانين جي ياد ڏياري ٿو …
جمهوريت عوام جي طاقت ۽ ملڪ جي روشن مستقبل جي ضمانت آهي: اسپيڪر سردار اياز صادق

مزید خبریں
اسلام آباد-14 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جمهوريت جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پاڪستان جي جمهوري عزم، پارلياماني استحڪام ۽ عوامي شموليت جي تسلسل کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته جمهوريت عوام جي طاقت، اجتماعي دانش، قومي ترقي ۽ خوشحالي جي ضامن آهي. هن چيو ته اڄوڪو ڏينهن انهن سمورن سياسي ڪارڪنن، اڳواڻن ۽ صحافين جي قربانين جي ياد ڏياري ٿو جن جمهوريت جي بحالي ۽ بقاءَ لاءِ جدوجهد ڪئي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ طرفان جاري بيان ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو ته پاڪستان جمهوري جدوجهد جي نتيجي ۾ قائم ٿيو ۽ پاڪستان جو آئين هر شهري کي برابري، مذهبي آزادي، اظهار جي راءِ ۽ گڏيل سياست جا بنيادي حق فراهم ڪري ٿو. هن چيو ته اسلام به مشاورت، گڏيل راءِ ۽ عوامي شموليت جي تعليم ڏي ٿو ۽ انهن اصولن جي روشني ۾ جمهوري نظام عوامي نمائندگي تي قائم آهي. سردار اياز صادق چيو ته پارليامينٽ عوامي امنگن جو سپريم فورم آهي، جتي قانونسازي، پاليسي سازي ۽ حڪومتي نگراني ذريعي عوامي راءِ کي عملي جامو پارايو ويندو آهي. هن چيو ته پارليامينٽ جي بالادستي، آئين جي مڪمل پاسداري، اداره جاتي هم آهنگي ۽ عوامي فلاح ۽ بهبود جمهوري استحڪام جي ضمانت آهن. هن قائداعظم محمد علي جناح جي 11 آگسٽ جي تاريخي خطاب جو حوالو ڏيندي چيو ته هر شهري کي مذهبي آزادي حاصل آهي ۽ رياست جو تعلق فرد جي مذهب، ذات يا عقيدي سان ناهي هوندو. اسپيڪر اڳوڻي وزيراعظم ميان محمد نواز شريف، اڳوڻي خاتون اول بيگم ڪلثوم نواز، اڳوڻن وزيراعظمن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ محترمه بينظير ڀٽو شهيد سميت ٻين سياسي اڳواڻن جي ملڪ ۾ جمهوريت جي بحالي ۽ استحڪام لاءِ قربانين ۽ جدوجهد کي خراج عقيدت پيش ڪيو. اسپيڪر سردار اياز صادق چيو ته جمهوري نظام حڪومت عوام کي بااخيتار بڻائي ٿو، ادارن کي جوابده بڻائي ٿو ۽ قومي ترقي لاءِ گڏيل بصيرت فراهم ڪري ٿو. هن چيو ته اڄوڪو ڏينهن ان عزم جي تجديد جو موقعو آهي ته اسان آئين، قانون ۽ ادارن جي استحڪام لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکنداسين. هن سمورين سياسي پارٽين تي زور ڀريو ته هو گڏيل اختلافن کي هڪ پاسي رکي قومي مفادن ۾ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪن. هن نوجوانن جي جمهوري عمل ۾ شرڪت تي زور ڀريندي چيو ته قومي اسيمبلي طرفان شروع ڪيل پارلياماني اسٽيڊيز پروگرام، انٽرنشپ پروگرامز ۽ يوٿ پارليامينٽرينز فورم جهڙن قدمن جو مقصد نوجوان نسل کي جمهوري عمل ۾ شامل ڪرڻ ۽ قومي ترقي ۾ انهن جو ڪردار يقيني بڻائڻ آهي. هن چيو ته نوجوانن جي شموليت جمهوريت کي نتيجن واري ۽ پائيدار بڻائڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪندي. اسپيڪر سردار اياز صادق وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي پارليامينٽ نه رڳو عورتن جي حقن، مالياتي شفافيت ۽ ماحولياتي تحفظ جهڙن اهم معاملن تي قانونسازي ڪئي پر وومنز پارلياماني ڪاڪس، پائيدار ترقي جي هدفن بابت پارلياماني ٽاسڪ فورس (ايس ڊي جيز)، چائلڊ رائيٽس بابت پارلياماني ڪاڪس ۽ ينگ پارليامينٽرينز فورم جهڙي پارلياماني پليٽ فارمز ذريعي بين الجماعتي تعاون کي هٿي ڏني. هن چيو ته هي فورمز پارليامينٽ ۾ سمورين سياسي پارٽين جي حصيداري کي ممڪن بڻائين ٿا، جيڪا حصيداري جمهوريت ۽ گڊ گورننس جي اصل روح آهي.











